اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجي ملڪ ۾ آمريڪا جي ويڙهه وڙهندو رهيو، پر هاڻي پاڪستان جي حڪومت اهو ئي ڪندي جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ هوندو. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو ڪو به ٿاڪ ناهي، نه ٿا چاهيون ته آمريڪا تڪڙ ۾ افغانستان مان نڪري وڃي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان ڳالهين جي عمل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، سپر پاور سان ڪير بهتر لاڳاپا نه رکڻ چاهيندو آهي پر پاڪستان آمريڪا سان اهڙا ئي لاڳاپا چاهي ٿو جيئن ٻطرفا لاڳاپا چين سان آهن. هن چيو ته اسان واشنگٽن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر اسان آمريڪا لاءِ ويڙهه نه وڙهنداسين، منهنجي ٽرمپ سان ٽوئيٽر تي ڪابه ويڙهه ناهي پر رڪارڊ جي درستگي ڪئي اهو ان ڪري آهي جو اسان کي افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪام پاليسين جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي.وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن مان حڪومت ۾ آيس ته مون کي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز مطابق هنن آمريڪا کان بار بار پڇيو ته جيڪڏهن کين پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن جي خبر آهي ته اسان کي ٻڌايو وڃي پر آمريڪا هميشه پاڪستان تي دهشتگردن کي محفوظ ٺڪاڻا ڏيڻ جو الزام لڳايو ۽ ڪڏهن ثبوت به نه ڏنا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستان نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جي ويڙهه ۾ شامل ٿئي ها ته هي ملڪ تباهي کان بچي سگهي پيو، آمريڪا جي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ شامل ٿيڻ سبب اسان جي معيشت کي 150 ملين ڊالر جو نقصان پهتو ۽ پاڪستان 80 هزار کان وڌيڪ جانيون وڃايون، اسان آمريڪا سان گڏ هڪ طرفا لاڳاپا نه پر چين جيان ئي واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا.وزيراعظم عمران خان چيو ته دوستاڻن ڪوششن سان اسان ڪرتارپور لنگهه تي ويزا فري ڪوريڊر کوليو، اميد ڪريون ٿا ته ڀارت ۾ چونڊ عمل کانپوءِ ان سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪري سگهجن. ٻئي طرف : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ واضح ڪري ڇڏيان ته ڪڏهن ڪنهن جي جنگ نه وڙهنداسين ۽ نه ئي ڪنهن جي آڏو جهڪنداسين اسان سڀني سان امن چاهينداسين. اسلام آباد ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم نظرئي سان آهي ۽ نظريو نه رهيو ته قوم ناهي رهندي، قائداعظ۾ پوري ڪوشش ڪئي ته مسلمان ۽ هندو متحد ٿي رهن، قائداعظم محسوس ڪيو ته مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ ضروري آهي، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ڇو ٺهيو، اڄ ڀارت ۾ جيڪو مسلمانن جو حال آهي اتي ڏسڻ ۾ ئي نه ٿو اچي ته مسلمانن کي برابري جا حق ملندي، ڀارت ۾ مسلمانن جو اڄ ڪوبه قائد ناهي.هن چيو ته جمهوريت جو مطلب حڪمران جو قانون جي هيٺ هجڻ آهي، پر اسان جمهوريت کان بادشاهت تي اچي وياسين، چين مديني جي رياست جي اصولن تي هلي 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو پر پاڪستان ۾ امير امير ٿيندو ويو ۽ غريب غريب ئي رهجي ويو، جيڪي علائقا اڳتي هئا انهن تي وڌيڪ پئسو لڳايو ويو جنهن سان گهٽ ترقي يافته علائقا وڌيڪ پوئتي رهجي ويا. عمران خان جو چوڻ هو ته اندازو لڳايو ته خبر پئي ته لاهور ۾ هڪ انسان تي 70 هزار روپيا ايوريج خرچ ڪيا ويا جڏهن ته ننڍي علائقي راجن پور ۾ جتي پئسي جي ضرورت هئي اتي ايوريج هڪ انسان تي اڍائي هزار روپيا خرچ ڪيا ويا، اهڙي طرح امير ۽ غريب علائقن ۾ فرق وڌندو ويو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هن ملڪ کي اٿارڻو آهي ته نبي ڪريم صه جي اصولن تي اٿارينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ڪمزور علائقن کي اڳتي آڻيون، بلوچستان پوئتي رهجي ويو آهي پر هاڻ ان کي سٺو وڏو وزير مليو آهي، اسان عورتن لاءِ اسپيشل پروگرام آڻي رهيا آهيون، انهن جي مليڪتن ۾ حصي لاءِ هڪ قانون جوڙي رهيا آهيون جنهن تي عملدرآمد ٿئي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، اسان جي ليڊرن قوم ۽ ٻين ملڪن جي سامهون تاثر ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن سپر پاور جي مدد نه ڪنداسين يا انهن جي جنگ نه وڙهنداسين ته تباهه ٿي وينداسين. هن چيو ته اڄ اسان جي عظيم ملڪ نه بڻجڻ جو سبب جهڪڻ ۽ هٿ ڦهلائڻ آهي جنهن اسان جي قومي غيرت ختم ڪري ڇڏي، اسان پنهنجن ماڻهن کي ٻڌايو ته سپر پاور جي جنگ نه وڙهي ته نه بچنداسين، پر اڄ واضح ڪري ڇڏيان ٿو ته ڪڏهن ڪنهن جي جنگ نه وڙهنداسين ۽ نه ئي ڪنهن جي آڏو جهڪنداسين، سڀني سان امن چاهينداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟