ابوظهبي ٽيسٽ: ڪيويز ڪپتان وليمسن جي ذميواراڻي اننگ، نيوزيلينڊ جي پوزيشن مضبوط

0Shares

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن شاندار سينچري ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍي ورتو. شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ڪيويز ڪپتان ڪين وليمسن ۽ نڪولس جي شاندار بيٽنگ سبب نيوزيلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 272 رنسون ٺاهي ورتيون. تفصيل موجب نيوزيلينڊ پنهنجي نامڪمل اننگ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 26 رنسن تان ڪئي. ان موقعي تي ڪپتان ڪين وليمسن 14 ۽ سومرويلي هڪ رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. سومرويلي 4، روس ٽيلر 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ته نيوزيلينڊ 60 رنسن تي 4 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. ان موقعي تي ڪپتان ڪين وليمسن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ نڪولس ميدان تي لٿو، ٻنهي بيٽسمينن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 212 رنسن جي ناقابل شڪست ڀائيواري جوڙي ورتي. جڏهن ته ڪين وليمسن 139 ۽ نڪولس 90 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. پاڪستان طرفان ياسر شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي 2-2 شڪار ڪيا. نيوزيلينڊ 74 رنسن جو خسارو ختم ڪندي 198 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي. اڄ ميچ جو آخري ڏينهن آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز 1-1 تان برابر آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں