ڀارت پهريان پاڻ سيڪيولر بڻجي، عوام جو اعتماد ختم ٿيو ته نئين حڪومت اچي ويندي: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت پهريان پاڻ سيڪيولر بڻجي، عوام جو اعتماد ختم ٿيو ته نئين حڪومت اچي ويندي، هاڻ ڪنهن ٻئي جي جنگ نه وڙهنداسين. راولپنڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊيجي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان مسلمان رياست آهي، پاڻ کي سيڪيولر سڏائيندڙ ڀارت ۾ مسلمان جي ڪهڙي حالت آهي؟ اسان ته ڪرتارپور کي ٻئي مذهب جي بنياد تي کولي ڇڏيو، مندرن ۽ گرجا گهرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندا آهيون. هن چيو ته ڀارت اسان کي ائين ئي برداشت ڪري جيئن آهيون، اسان ڄمي بيٺا آهيو، ڀارت ڪهڙو وڏو قدم کڻندو، جيڪڏهن جارحيت ڪندو ته ان جو جواب ڏينداسين، جنگ به ڪري ڏسي ورتي آهي، جنگ ڪرڻ ايندا ته ڏسي وٺنداسين. سندس چوڻ هو ته آمريڪا خواهش ڪري رهيو آهي ته ڪهڙي طرح سان ڳالهيون ٿين، افغان جنگ ۾ ايتري ڪاميابي ناهي ملي جيتري پاڪستان حاصل ڪئي، اسان جو ايترو اثر رسوخ ناهي، پر جيترو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا ڪنداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪنهن ٻئي جي جنگ ٻيهر نه وڙهنداسين، اها جنگ اسان تي مڙهي وئي هئي، سرحد پار کان ٽي ٽي پي داخل ٿي ۽ پوءِ اسان ان کي پنهنجي جنگ سمجهي وڙهي، پنهنجي سرحد مضبوط بڻائي رهيا آهيون. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا گهٽجي ويا آهن، ڪراچيءَ ۾ به امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، پشتون تحفظ موومينٽ اهڙي حد پار نه ڪري جو رياست کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پئجي وڃن. هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي فوج آهي، ان جو تعلق هڪ پارٽي، شخص يا صوبي سان ناهي، حڪومت جو ادارو آهي، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ملڪ جا سمورا ادارا گڏجي قومي مقصد لاءِ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به اسان جي دفاعي صلاحيت تي شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان اعتماد جوڳي ذميوار ايٽمي رياست آهي، جنهن ڏينهن عوام جو اعتماد ختم ٿيندو، انهيءَ ڏينهن ملڪ ۾ نئين حڪومت اچي ويندي، پاڪ فوج ڪنهن به موقعي تي حڪومت جي فيصلي کي غلط ناهي چيو، تحريڪ لبيڪ خلاف ڪارروائي ٿيندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي،  فوج جو وڌ کان وڌ بلوچستان طرف آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿي. هن چيو ته  ڪجهه سالن ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر ٿي آهي ۽ دهشتگرديءَ ۾ 99 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو ڪريڊٽ رينجرز ڏانهن وڃي ٿو، جنهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ شهر جون روشينون واپس ڪيون آهن، جڏهن ته پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي هڪ زماني ۾ ڏوهن جي شرح جي لحاظ کان ڇهين نمبر تي هو، هاڻي صورتحال بهتر آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پي ٽي ايم چيڪ پوسٽن ۾ گهٽتائي، مائنز ڪليئر ڪرائڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جا مطالبا ڪيا. هن چيو ته ايندڙ سال پاڪ افغان سرحد تي تار لڳائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن سان صورتحال ۾ بهتري ايندي. سندس چوڻ هو ته اسان 15 سال جنگ وڙهي جنهن دوران گهڻا دهشتگرد مارجي ويا، هن وقت به تحريڪ طالبان پاڪستان جي فورس اتي ويٺي آهي ته ڪئين ثابت نه ٿيندو ته گم ٿيل ماڻهو سندن فورس ۾ شامل نه ٿيا هجن، يا ڪنهن ٻئي جي جنگ ۾ استعمال نه ٿي رهيا آهن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 70 هزار پاڪستاني دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿيا، اهي به اسان مان آهن. هن چيو ته رياست پي ٽي ايم وارن سان سهڪار ڪيو، پر هي ماڻهو جنهن طرف وڃي رهيا آهن ڪٿي ايئن نه ٿي جو اها لائن ڪراس ڪري وٺن جنهن بعد رياست کي پنهنجو زور لڳائي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻو پئجي وڃي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪرتارپور سرحد سک برادريءَ سان همدرديءَ جي اظهار طور کولي ڪو به پاڪستاني ان ذريعي ڀارت نه ٿو وڃي سگهي اها راهداري رڳو ون وي هوندي جنهن جي کلڻ سان 4 هزار ڀارتي ياتري روزاني پاڪستان اچي سگهندا ۽ ساڳي رستي روز واپس ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں