اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڄ ٽياڪڙي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان جي مسئلي تي آمريڪا تحريڪ انصاف جو موقف قبولي ورتو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ افغان امن عمل تي ڳالهيون ٿيون آهن، خوشي آهي ته 15 سالن کان اسان جيڪو چئيرهيا آهيون ته افغان مسئلي جو حل فوجي ناهي پر هاڻي آمريڪا به قبول ڪري ٿو ۽ آمريڪا تحريڪ انصاف جي موقف کي قبول ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ امن ۽ افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ اسان جي همدردي چاهي ٿو، پاڪستان اڄ ٽياڪڙي لاءِ مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، مان هميشه سمجهندو هئس ته ڊو مور بدران اسان جو ڪردار ٽياڪڙي جو هجڻ گهرجي ته جيئن اسان امن لاءِ ڪردار ادا ڪيون پر اسان کي اهڙي نموني ٽريٽ ڪيو ويو ته ڪنهن ٻئي جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ امداد ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن ٻئي جي ويڙهه جو حصيدار ٿيڻ بدران اسان جو اصل ڪردار ٽياڪڙي ڪرائڻ آهي، اسان يمن ۾ امن عمل اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي، ايران ۽ سعودي عرب کان ان حوالي سان ڳالهيون ڪيون، ايراني پرڏيهي وزير اسان کي يمن جنگ ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرتارپور راهداري کي ڀارت بدقسمتي سان سياسي فائدي جو رنگ ڏنو آهي، معاملي تي حڪومت پورو زور ڀريو، اهو اسان جو فرض آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪنهن جا مذهبي هنڌ آهن ته سندن مدد ڪرڻ گهرجي، اسان ڪي نيون شيون نه ڪري رهيا آهيون اهو اسان جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته ڪرتارپور معاملي تي سک برادري جيڪو رد عمل ڏيکاريو تنهن تي خوشي ٿي آهي، جهڙي نموني اسان لاءِ مدينو آهي سکن لاءِ ڪرتاپور، اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به بهتر رد عمل ڏيندو. معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مشڪل حالتن ۾ معاشي ٽيم پرفارم ڪيو جنهن جو کيس اسپيشل ڪريڊٽ ڏيڻ چاهيان ٿو، واپار، ناڻي ۽ منصوبابندي خراب حالتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مخالف خراب حالتن جي اڳڪٿي ڪن ٿا، جيڪڏهن خراب حالتون هجن ها ته سيڙپڪاري ڪيئن ٿئي ها، اڄ سوزوڪي، ڪوڪ، پيپسي ۽ ايگزون ملين ڊالر سيڙپڪاري جو فيصلو ڪيو آهي، فونٽين وارا ٽيڪنالوجي ٽرانسفارمر ڪرڻ لاءِ اسڪول کوليندا ۽ اسان جي ماڻهن کي سکيا ڏيندا، سمورين شين جو ڪريڊٽ اسان جي معاشي ٽيم کي وڃي ٿو، مشڪل حالتن ۾ اسان اهڙو ماحول ٺاهيو جو ماڻهو سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن، سيڙپڪاري سان ئي ملڪ مٿي ويندو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟