مٺي/اسلام ڪوٽ(ڊ ر- ن هه ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول مان ايندڙ سال جنوري جي آخري هفتي تائين بجلي جي پيداوار جي شروعات ٿي ويندي ۽ ان پروجيڪٽ سميت ٿر ۾ 70 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه ٿر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ڪئي. وڏي وزير سان گڏ توانائي وارو صوبائي وزير امتياز شيخ، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ گڏ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ جي بختاور ايئرپورٽ تي پهتو جتي سندس آجيان سينٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ڪئي. بختاور ايئرپروٽ اسلام ڪوٽ کي سنڌ حڪومت ٿر ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ تعمير ڪرايو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪول مائنگ، ٿرڪول پاور پلانٽ، صحت جي سهولتن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر پاڪستان جو مستقبل آهي، انشاءَ الله جنوري 2019ع ۾ ٿر پاور پلانٽ مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام بلڪه سڄي پاڪستان جي ترقيءَ ۽ بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي. هن ٿر ڪول بلاڪ ٽو پهچي ڪول مائننگ جو جائزو ورتو. ڪول مائننگ جو 96 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، پاور پلانٽ وارو ڪم به 96 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته پارو پلانٽ مان بجليءَ جي شيڊول پيداوار جون 2019ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا هاڻ جنوري 2019ع جي آخري هفتي يا فيبروري جي پهرين هفتي ۾ بجلي جي پيدا شروع ٿي ويندي. ان پروجيڪٽ سميت ٿر ۾ 70 بلين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر فائونڊيشن جي ذريعي 20 هزار ڪٽنبن کي سندن چوپائي مال لاءِ چارو فراهم ڪري رهي آهي. ٿر فائونڊيشن سان هن سال 90 ٻار انجنئيرنگ جو ڊپلوما ڪري رهيا آهن. ٿر فائونڊيشن اسپتال 2 بلين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهي آهي. ان اسپتال کي سنڌ حڪومت 50 ملين رپيا ڏئي رهي آهي. اسپتال جو پهريون بلاڪ جيڪو 82 بسترن تي مشتمل آهي فيبروري 2019ع ۾ ڪم شروع ڪندو. اهو اسپتال 250 بسترن تي مشتمل آهي، هن مهيني 20 ڊسمبر تي نئي سنهري ڳوٺ ۾ 172 ڪٽبن حڪومت پاران بڻايل گهرن ۾ منتقل ٿي ويندا. اهي 172 ڪٽنب ٿر ڪول بلاڪ ٽو کان متاثر ٿيا هئا. انهن 172 ڪٽنبن کي ٿر ڪول ۾ نوڪريون، سندن گهرن جو معاوضو، هر هڪ کي 1100 اسڪوائر ميٽر جو گهر، تعليم ۽ صحت جون سهولتون نئين ڳوٺ ۾ ڏنيون ويون آهن. 5000 ٻارن لاءِ سنڌ حڪومت ٿر فائونڊيشن ذريعي 25 اسڪول قائم ڪري رهي آهي، انهن اسڪولن تي ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 150 ميٽر هيٺ وڃي ڪول مائن جو جائزو ورتو، اهو ڪول مائن 180 ميٽرن تائين هيٺ آهي هن وقت تائين 150 ميٽر کوٽائي ڪئي وئي آهي، 180 ميٽر جي ڪول سيم نڪرندي، اهو ڪول پاور پلانٽ جيڪو ڪول مائن کان 2.5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي جنهن کي بجلي بڻائڻ لاءِ سپلاءِ ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ٿر ڪول سان چمڪڻ وارو آهي قوم تيار رهي. ٿر ڪول پاور پلانٽ جي چمني 180 ميٽر آهي. پاور پلانٽ 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪچن گارڊننگ واري پروجيڪٽ جو معائنو ڪيو، اهو پروجيڪٽ ملهاڻو ڳوٺ ۾ شروع ڪيو ويو آهي. انهيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مٺي اسپتال و دورو پڻ ڪيو ۽ اتي صحت جي سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ۽ اسپتال جي عملي کي مريضن جي علاج معالج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟