سپريم ڪورٽ عليما خان خلاف ڪارروائي بابت 13 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ اڪائونٽس بابت ڪيس ۾ ايف بي آر چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس ميمبر کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان خلاف ڪارروائي بابت 13 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ پرڏيهه ۾ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت دبئي ۾ ملڪيت رکندڙ 20 ڄڻن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙن خلاف ڇا ڪارروائي ٿي رهي آهي؟ جيڪي 20 ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش ٿيا، ان جي ڇا رپورٽ آهي ۽ ايف بي آر هن وقت تائين جي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عليما خان خلاف ڇا ڪارروائي ٿي؟ جنهن تي ايف بي آر جي آپريشن ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته ان خلاف لاهور آفيس کي ڪارروائي لاءِ چئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ايف بي آر چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس ميمبر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ماڻهو ڪنهن کي لٽڪائڻ چاهيو ٿا، عدالت توهان کي آڊٽ ڪرائڻ جو نه چيو هو. ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايف بي آر کي لاهور نه پر هتي ڪارروائي جو چيو هو، عدالت فيلڊ آفيسرن کي ڪيس اماڻڻ جو نه چيو هو، عدالتي حڪم تي ڪميٽي کي ڪارروائي ڪرڻ گهربي هئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ايف بي آر آپريشن ميمبر ملڪ جو ڪهڙو آفيسر آهي، ڇونه ان خلاف جاچ ڪرائي وڃي، ڪيس ۾ دير جا بهانا استعمال ڪيا پيا وڃن، ايف بي آر ايف آءِ اي جي محنت به سردخاني ۾ وجهي ڇڏي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسپيشل ڪميٽي جي رپورٽ ڪٿي آهي؟ اعليٰ عدالت ايف بي آر چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس ميمبر کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ٽن ڏينهن اندر شوڪاز جو جواب ڏنو وڃي. جڏهن ته عدالت عليما خان خلاف ڪارروائي تي 13 ڊسمبر تائين رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں