جمهوري حڪومتن جا ڪم سپريم ڪورٽ ڪيا: وزيراعظم/ ملڪ هلائڻ لاءِ پارليامينٽ سپريم آهي: چيف جسٽس

0Shares

 اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪم سپريم ڪورٽ شروع ڪيو ۽ اهي ڪم ڪيا جيڪي جمهوريت حڪومتن کي ڪرڻ گهرجن هئا. لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي اهتمام هيٺ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڌيان جي عنوان تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عرمان خان چيو ته چيف جسٽس جو شڪرگذار آهيان، پهريون وزيراعظم آهيان جنهن کي دعوت ڏني، شڪر آهي ڪورٽ نمبر هڪ ۾ نه گهرايو. وزيراعظم چيف جسٽس کي مخاطب ڪڳندي چيو ته پاناما جو فيصلو اهم هو اوهان نئين پاڪستان جي بنياد رکي ڇڏي، جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي اهو اڳتي ويندو آهي، اسان وٽ اليڪشن ٿينديون هيون پر قانون جي حڪمراني نه ايندي هئي، ڊڪٽيٽر ڊيموڪريٽ بڻجڻ ۽ ڊيموڪريٽڪ ڊڪٽيٽر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته هاڻوڪين حالتن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان بهترين دور جي شروعات ٿي آهي، اسان مديني جهڙي رياست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين، سپريم ڪورٽ اهي ڪم ڪيا جيڪي جمهوري حڪومت کي ڪرڻ گهرجن ها پر جمهوريت حڪومتون بدقسمتي سان صرف پنجن سالن جو سوچينديون هيون ته جيئن ايندڙ اليڪشن کٽي وڃن جڏهن ته ڊيم پنجن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ ٺهندي آهي، ان ئي محدود سوچ سبب هن مسئلي ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته ٿورا بار خوشحال گهراڻو تمام سٺي مهم هئي جنهن کي اوڀر پاڪستان لاءِ سمجهيو ويندو هو پر هو اوڀر پاڪستان بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويو ڇو ته ان جي سوچ پري جي هئي. عمران خان چيف جسٽس کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان قانون جي حڪمراني جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو جيڪا تمام سٺي شئي آهي، اوهان هر طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻيندا آهيو، اهو سڀ پاناما کان شروع ٿيو ان جو ڪوبه تصور نه پيو ڪري سگهي ته اقتدار ۾ ويٺل وزيراعظم قانون جي هيٺ اچي سگهي ٿو، اڄ سي ڊي اي منهنجي هيٺان آهي پر اڄ سي ٽي اي ٻڌائي رهيو آهي ته عمران خان هي غلطي ڪئي، اهو تصور پهريان نه هو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان تي قرض چرهيل آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان کان نڪري وينداسين خراب معاشي حالتون هجڻ جي باوجود سرمائيدار پاڪستان اچي رهيا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سول ۽ ڪرمنل قانون پراڻو ٿي چڪو آهي قبضا گروپ ان سبب ٺهيل جو سول ڪيسن جو فيصلو ئي ناهي هوندو، اسان 6 نوان قانون تيار ڪيا آهن جيڪي اسيمبلي ۾ آڻي رهيا آهيون، سول ڪرمنل پروسيجر ڪورٽ جو قانون به آڻي رهيا آهيون جنهن  ڪجهه وقت لڳندو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون قانونسازي وسيلي ان ۾ نواڻ آڻيون، اسان سئو ڏينهن ۾ قانونسازي ڪري ورتي آهي  جنهن تي خوشي آهي. ان موقعي  تي وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس لاهور جون ڀتيون ڪيرائڻ جي حڪم جي به وضاحت ڪئي ۽ چيو ته گورنر هائوس جون ڀتيون ان لاءِ ڀڃڻ چاهيون ٿو ته اندر کان گورنر هائوس جو گارڊن نظر اچي لاهور ۾ وڻ ختم ٿي ويا آهن اهو سڀ ماحوليات ۽ آبادي سان لاڳاپيل آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته غلط فيصلن ۽ بيمارين جي ڪري اسان جي آبادي وڌي  رهي آهي، هاڻ ٻارن کي اسڪولن ۾ فيملي پلاننگ ۽ وڻن بابت پڙهائڻ گهرجي، پاڪستان ستون ملڪ آهي جيڪو گلوبل وارمنگ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هوندو، شهر جنهن تيزي سان وڌي رهيا آهن وڻ گهٽ ٿيندا پيا وڃن، آبادي انهن علائقن ۾ وڃي رهي آهي جتي رهڻ ڏکيو آهي، ماڻهن وٽ رهڻ جي جاءِ ناهي اهو سنجيدا مسئلو آهي. ٻئي طرف چيف جسٽس ميان ثاقب نثار خطاب ڪندي چيو ته گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. چيف جسٽس چيو ته وسيلا محدود ۽ ضرور لامحدود آهي، گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، وڌندڙ آبادي سبب اسان جا وسيلا لڳاتار دٻاءُ جو شڪار رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته آبادي ايئن ئي وڌندي رهي ته 30 سالن کانپوءِ پاڪستان جي آبادي 45 ڪروڙ ٿيندي، وڌندر آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جيڪو حصو وجهڻ هو وجهي ڇڏيو آهي هاڻ اسان آبادي تي قابو ڪرڻ لاءِ آگاهي ڦهلائڻي آهي ۽ ان حوالي سان عملي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته پاڪستان جي بقاءَ لاءِ اسان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي زندگي آهي هر سال 7 ارب گيلن پاڻي زمين مان ڪڍيو ويندو آهي، 4 ليٽر پاڻي ۾ هڪ ليٽر پاڻِ قابل استعمال هوندو آهي ۽ باقي ٽيون حصو ضايع ڪيو ويندو آهي جڏهن ته گذريل 40 سالن ۾ ڪابه ڊيم ناهي ٺاهي وئي ان لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي کوٽ جا تباهه ڪندڙ اثر ٿيندا. چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جي معاونت جي تمام گهڻي ضرورت آهي هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڇڏي ڏنو وڃي، اڄ ملڪ ۾ ٻار هڪ لک کان وڌيڪ جو قرضي پيدا ٿئي ٿو. اسان ايندڙ نسلن کي ڪجهه ڏئي وڃڻ چاهيون ٿا جڏهن ته وزيراعظم مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ان خواب ۽ تصور ۾ عدليا ساڻس گڏ آهي ۽ نيڪ نيتي سان وزيراعظم جي ان خواب جي تعبير کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عدليا کي اهي ٽولز ڏناو ڃن جو هو اڄ جي تقاضائن کي پورو ڪري سگهي،  عدليا هاڻ ان وزن کي کڻي نه ٿي سگهي جو سالن جا سال ڪيس هلندو رهي.

 

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں