اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون ڪيس ۾ پنجاب حڪومت کي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ماڊل ٽائون ۾ شهيد ٿيندڙ عورت جي ڌيءَ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي پاڻ دليل ڏنا. طاهر القادري عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته واقعي جي ڏينهن 10 ڄڻا فوت ۽ 71 زخمي ٿيا، اسان جي انگن اکرن مطابق 510 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، پهرين ايف آءِ آر پوليس جي فرياد تي داخل ٿي ۽ پهرين جي آءِ ٽي به پوليس جي ايف آءِ آر تي ٺهي. طاهر القادري جو چوڻ هو ته جسٽس نجفي ڪميشن به ٺهي، جنهن جي رپورٽ وڏي مشڪل سان ملي، ساڍا 4 سال انصاف نه مليو، هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته انصاف جو دروازو کلي ويو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته مان چئي چڪو آهيان ته هن ٽرائل جي روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي ٿئي، توهان درخواست ڏني ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن ٻڌڻي ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ۾ ڪيترن شاهدن بيان رڪارڊ ڪرايو آهي؟ طاهر القادري ٻڌايو ته 157 شاهد هئا ۽ 23 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن. جسٽس آصف سعيد چيو ته مشتاق سکيرا جي جوابدار ٺاهڻ کانپوءِ سمورا بيان ٻيهر ٿيندا. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه دليل ڏيندي چيو ته ٽرائل ٻيهر ٻڙي جي سطح تي اچي ويو آهي، لارجر بئنچ جڙڻ سان مظلومن کي انصاف جي اميد ٿي آهي. ان موقعي تي سانحي ۾ فوت ٿيندڙ عورت تنزيلا جي ڌيءُ بسما عدالت ۾ پيش ٿي. طاهر القادري کانپوءِ ان جي قانوني ٽيم پاران به دليل ڏنا ويا ۽ چيو ته گڏيل جاچ ٽيم تي اعتماد نه هجڻ ڪري شاهد پيش نه ٿيا. ان موقعي تي چيف جسٽس پاڪستان پنجاب حڪومت جو موقف ڄاڻيو ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته پنجاب حڪومت واقعي جي غيرجانبدار جاچ چاهي ٿي، ان کي نئين جي آءِ ٽي تي ڪو اعتراض ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل جي موقف تي جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اعتراض ناهي ته وڃو پنهنجو ڪم ڪريو. عدالت حڪم ڏنو ته پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي تي نئين جي آءِ ٽي جوڙي، ان جي فائنڊنگز کي سامهون آندو وڃي ۽ ٽرائل جو حصو بڻايو وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟