اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ٻڌايو آهي ته سوئيٽزر لينڊ پاڪستان سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان سمورن سوئس بئنڪن جا تفصيل ملي سگهندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو ته ٻي طرفي معاهدي سان سمورن سوئس بئنڪن جا تفصيل ملي سگهندا، اهم معلومات 4 کان 6 هفتن ۾ ملي ويندي، 6، 5 سال ان معاهدي تي صحيحون نه ڪري وڃايا ويا. شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته معاهدي تحت پراڻي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جرمن اختيارين کان پڻ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪري ورتو آهي جڏهن ته برٽش ورجن آءِ لينڊ سان به معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته نواز شريف خلاف اختيارين جي غلط استعمال جو نئون ڪيس نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، سندس گهرواري جي نالي تي لنڊن ۾ فليٽ ظاهر نه هو، ان تي به نيب نواز شريف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس بڻائي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان سمورا ثبوت نيب کي موڪلي ڇڏيا آهن. وزيراعظم جي خاص مددگار ناڻي واري وزير جي استفعيٰ وارين خبرون رد ڪندي چيو ته اسد عمر کي عهد کان الڳ نه پيو ڪيو وڃي، مٿس وزيراعظم جو اعتماد آهي جڏهن ڪابينا ۾ تبدلي جي حوالي سان وزيراعظم سمورن وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزووٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪندو. هن چيو ته آصف زرداري جو ڪيس ٻيهر کولي سگهجي ٿو، نواز شريف خلاف وي وي آءِ پي جهاز جي غلط استعمال جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو، سوئٽزرلينڊ سان معاهدي تي صحيح ڪرڻ ۾ 5 کان 6 سال ضايع ڪيا ويا، پراڻي معلومات حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستانين جي اڪائونٽس جا تفصيل 6 هفتن ۾ ملي ويندا، جرمني سان به معاهدي جي ڪوشش جاري آهي. ٻئي طرف افتخار دراني ٻڌايو ته وزيراعظم جي 100 واري پلان تحت غربت جي خاتمي جو ادارو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو سربراهه ڊاڪٽر اشفاق حسن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ادارو وفاق ۽ صوبن جي سطح تي رابطا ڪندو ۽ پاليسي جوڙيندا، مختلف وزارتن جا عملدار ان اداري جا ميمبر هوندا. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي غربت جي خاتمي لاءِ منصوبو آڻڻ جو اعلان ڪيو هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟