سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن واري معاملي تي اڄ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ حددخلين واري  آپريشن خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حد دخلين واري آپريشن دوران بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي مبتادل گهر ڏنا ويندا. سنڌ سرڪاري ڪراچي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن تي نظرثاني لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي، جيڪا اڄ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ويندي. وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالتي حڪم  بعد ڪراچي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته تبديلي آڻيندڙ سرڪار غريب ماڻهن کي بي گهر ڪري آپريشن روڪرائڻ جو ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي متبادل گهر فراهم ڪندي، پي ٽي آءِ آپريشن جي آڙ ۾ تضاد پيدا ڪرڻ چاهي ٿي.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں