جانبدار رپورٽ تي ريفرنس ٺهيو، واجد ضيا ۽ جاچ آفيسر مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي: نواز شريف

0Shares

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ پنهنجو لکت وارو جواب احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اڳوڻووزيراعظم نواز شريف عدالت آڏو پيش ٿيو. نواز شريف جوابدار طور پنهنجو لکت وارو جواب يو ايس پي ۾ جمع ڪرايو، جنهن کي عدالت جي ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم فليگ شپ ريفرنس ۾ 136 سوالن جو جواب ڏنو، جڏهن ته وڪيل خواجا حارث عدالت کي اپيل ڪئي ته باقي 4 سوالن جا جواب ڪجهه درستگين کانپوءِ سڀاڻي جمع ڪرايا ويندا. ٻڌڻي دوران فاضل جج ارشد ملڪ نواز شريف کان سنئون سڌو سوال پڇندي چيو ته پهريون ته ميان صاحب وزيراعظم هو، معاملن ۾ مصروف هو، توهان کي پٽن جي ملڪيت جي دستاويزن بابت پڇڻ گهرجي ها. ان موقعي تي وڪيل خواجا حارث جواب ڏيندي چيو ته ٻار جوان آهن، نواز شريف ان تي دٻاءَ وجهي نٿو سگهي، جنهن تي جج ارشد ملڪ چيو ته پوءِ به پڇا ڪري سگهجي پيو، پٽ ته آهن. نواز شريف جواب ڏنو ته ٻار فليٽ خريد ڪندا هئا، ٻيهر اڏاوت ڪري ڪمپنيون ٺاهي وڪرو ڪندا هئا جنهن تي فاضل جج سوال ڪيو ته حسين نواز ذريعي حسن نواز ڏانهن رقم ويندي هئي، جيڪڏهن حسين نواز ئي اچي وڃي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها. جج ارشد ملڪ چيو ته ٽرائل دوران قطري ئي اچي وڃي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها. نواز شريف چيو ته مخالفن ۽ جي آءِ ٽي جي جانبدار رپورٽ تي ريفرنس ٺاهيو ويو، واجد ضيا ۽ جاچ آفيسر مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جي آءِ ٽي غير ضروري معاملن ۾ الجهايو ۽ الزام مڙهيا، قطري پنهنجن پهرين خطن جي تصديق ڪئي، ڪنهن به شاهد جي بيان مون کي جوابدار ثابت نه ڪيو، جاچ آفيسر محمد ڪامران ۽ واجد ضيا منهنجي خلاف بيان ڏنا جي آءِ ٽي جي هڪ طرفي رپورٽ کي بنياد بڻائي منهنجي خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، ڪو به الزام ثابت ناهي ٿي سگهيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں