آل رائونڊر پروفيسر محمد حفيظ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

0Shares

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروفيسر جي نالي سان مشهور محمد حفيظ نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو. پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد حفيظ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته مان 15 سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي، ان سفر ۾ جنهن به منهنجي رهنمائي ڪئي، ان جو ٿورائتو آهيان، سڀني رانديگر دوستن، پي سي بي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جو به ٿورائتو آهيان. هن چيو مون کي اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم مستقبل ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي، مان پنهنجي فيصلي بابت سليڪشن ڪميٽي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، سڄو ڌيان محدود اوورن جي ڪرڪيٽ تي رکڻ چاهيان ٿو. محمد حفيظ ويجهڙائي ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، سيريز جي پهرين اننگ ۾ 126 رنسن جي اننگ کيڏي، ان کانپوءِ ست ٽيسٽ اننگز ۾ مجموعي طور 66 رنسون ٺاهي سگهيو، محمد حفيظ 54 ٽيسٽ ميچن ۾ 38.35 جي نسبت سان 3644 رنسون ٺاهي چڪو، جنهن ۾ 10 سينچريون ۽ 12 ففٽيون شامل آهن. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ محمد حفيظ جو وڌ مان وڌ اسڪور 224 آهي، ان کان علاوه هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 53 وڪيٽون به حاصل ڪري چڪو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں