ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) ابوظهبي ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جينيوزيلينڊ خلاف بيٽنگ جاري آهي ۽ راند جي ٻئي ڏينهن قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنز ٺاهي ورتيون. شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 274 رنز ٺاهي سگهي، جنهن جي جواب ۾ سرفراز اليون جي بيٽنگ جاري آهي ۽ قومي ٽيم ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنز ٺاهي ورتيون. پاڪستان پاران ننگز جي شروعات اوپننگ بيٽسمين محمد حفيظ ۽ امام الحق ڪئي ته ٻئي اوور جي چوٿين بال تي حفيظ اسڪور ٺاهڻ کانسواءِ ٽرينٽ بولٽ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. امام الحق به گهڻي دير ڪريز تي بيهي نه سگهيو ۽ 9 رنز جو مهمان ثابت ٿيو. ٽين وڪيٽ تي حارث سهيل ۽ اظهر علي ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ مجموعي اسڪور 85 تائين پهچايو ته حارث ٽم سائوٿي جو شڪار ٿي ويو، اهو 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. حارث سهيل جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ اظهر علي ۽ اسد شفيق ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 139 رنز تائين پهچايو. ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي ته اظهر علي 62 ۽ اسد شفيق 26 رنز سان وڪيٽ تي موجود هئا ۽ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ 54 رنز جي پارٽنر شپ ٿي چڪي آهي. ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي ڪيويز کي قومي ٽيم تي 135 رنز جي برتري حاصل آهي، جڏهن ته اڃا ٽن ڏينهن جي راند رهيل آهي. ان کان اڳ ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند شروع ٿي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين واٽلنگ 42 ۽ وليم سومرويلي 12 رنز سان ڪريز تي موجود هئا، ٻنهي بيٽسمينن محتاط انداز اختيار ڪيو پر 77 رنز تي ناٽ آئوٽ رهندڙ واٽلنگ سان گڏ ڪريز تي ڪير به گهڻي دير تائين بيهي نه سگهيو. سومرويلي 12، اعجاز پٽيل 6 ۽ ٽرينٽ بولٽ هڪ رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان پاران بلال آصف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽن حاصل ڪيون، جڏهن ته ياسر شاهه 3، حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي هڪ-هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟