ڊرٽي پڪچر منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي: وديا بالن

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته فلم ”ڊرٽي پڪچر“ منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. زيرو فگر نه هجڻ باوجود وديا بالن جي فلم ”ڊرٽي پڪچر“ کي باڪس آفيس تي سٺي موٽ ملي هئي، جنهن کانپوءِ اهو تاثر ختم ٿي ويو هو ته ڪنهن به اهڙي فلم لاءِ اداڪارا جو زيرو سائز هجڻ لازمي آهي. اداڪارا پنهنجي فلم ”ڊرٽي پڪچر“ جي رليز کي 7 سال مڪمل ٿيڻ تي انسٽاگرام تي هڪ جذباتي پيغام جاري ڪندي لکيو ته هدايتڪار ملن لٿريا ان ڪردار کي مون لاءِ سولو بڻائي ڇڏيو، ڇو ته ان منهنجي هر وقت مدد ڪئي. سندس چوڻ هو ته اها فلم نوجوان اداڪارا سلڪ سميٿا تي حياتيءَ تي ٻڌل هئي ۽ مان ان جي ڪردار سان مڪمل انصاف ڪرڻ پئي چاهيو. واضح رهي ته ڊرٽي پڪچر ۾ نصير الدين شاهه، عمران هاشمي ۽ تشار ڪپور به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں