ڪٺ پتلين کان ملڪ نه هلندو، ڇا انتقامي ڪارروايون ڪندڙ عمران خان جيل برداشت ڪري سگهندو؟: آصف زرداري

0Shares

ٽنڊوالهيار (رپورٽاشرف جروار) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪڪڙيون خريد ڪريو ۽ ان جا آنا وڪرو ڪري ڏسو ڪيتري خوشحالي اچي ٿي اسان اڳ ئي چيو هو ته اهي ملڪ نٿا سنڀالي سگهن جي آءِ ٽي شگر ملون سيل ڪري ڇڏيون آهن نقصان ٿيندو ته برداشت ڪرڻو پوندو. هي اسان جي همٿ آزمائين ۽ اسان انهن جا ظلم آزمائينداسين وزيراعظم عمران خان انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي چوي ٿو ته سموري اپوزيشن کي جيل ۾ وجهندس اسان ۾ جيل وڃڻ لاءِ صبر ۽ برداشت آهي ڇا عمران خان پاڻ جيل وڃڻ برداشت ڪري سگهي ٿو جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي عمران خان کي ايندڙ وزيراعظم جيل موڪلي ڇڏيندو نوازشريف احتساب عدالتون ۽ قانون منهنجي لاءِ ٺاهيا هئا پر پنهنجي سندس ڳچي ۾ پئجي ويا ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته ناسمجهه وزيراعظم کان ملڪ نٿو سنڀالجي سگهي اليڪشن ۾ آندل ڪٺ پتلين کان ڪم نه هلندو هي حڪومت ملڪ نٿي سنڀالي سگهي ۽ حالتون سنگين آهن جڏهن ته بدترين جمهوريت بهترين آمريت کان بهتر هوندي آهي انهيءَ ڪري پارليامينٽ ۾ ويٺا آهيون ته جيئن ڪنهن ٻي قوت کي نظام جي تڏا ويڙهه جو موقعو نه ملي ۽ اسان ايئن نه ٿيڻ ڏينداسين جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته ڪيئن نظام کي ٽوڙيون آصف زرداري چيو ته هي اڻ تجربيڪار حڪومت آهي جنهن کي سياسي سمجهه نه آهي ون يونٽ جي خلاف اسان جدوجهد ڪئي هئي ۽ موقعو مليو ته آئين ۾ ترميم ڪئي هاڻي هي حڪومت 18هين ترميم بابت ڪجهه شقن جو بهانو ڪري ائين کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي اسان حڪومت جي اهڙي ڪوشش جي سخت مخالفت ڪنداسين جڏهن ته موجوده حڪومت نه هلي سگهندي ۽ جيڪڏهن ان کي خطرو ٿيو ته ان کي اسان نه پر اهي ئي طاقتون سپورٽ ڪنديون جيڪي کڻي آيون آهن اڳوني صدر چيو ته وزيراعطم عمران خان انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي. عمران خان اڄ مخالف ڌر کي جيل موڪليندو پر ايندڙ کيس به جيل موڪلي ڇڏيندو جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لاندرنگ ڪيس بابت سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته جيستائين ساهه آهي هي جنگ هلندي رهندي پهريان به مون کي قيدي بڻايو ويو هو هاڻي به سندن اهو ئي ارادو آهي حڪومت اسان جي همت آزمائي اسان ان جا ظلم آزمائينداسين جي آءِ ٽي ۾ مون کي ۽ ڀيڻ فريال ٽالپر کي گهرايو ويو آهي پر بلاول کي طلب ناهي ڪيو ويو اسان سوالن جا جواب ڏنا آهن ڪيس هلندو ته ڏسنداسين جڏهن ته صحافي وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو ته اليڪشن بابت مان اڃا ڪجهه نٿو چئي سگهان حڪومتي قدمن تي تنقيد ڪندي هن چيو ته گورنر هائوس ۾ ڀلي ڪجهه به ٺاهيو وڃي پر ان جي حفاظت لاءِ به ڀتين جي ضرورت پوندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں