حيدرآباد(بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي عدم بازيابي تي سخت ڪاوڙ جو اطهار ڪندي پوليس کان پڇيو آهي ته آخر اهي ويگو گاڏيون ڪهڙي مصيبت آهن جن جي پوليس کي ڪا خبر نه ٿي پوي ڪالهه سنڌ هاءِ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيل خادم حسين آريجو ۽ عبالغفور ڀنڍ جي کنڀجي وڃڻ جي خلاف داخل ڪيل الگ الگ پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس عبدالمالڪ گدي ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي تي ٻڌل ڊبل بينچ پاران ڪئي وئي خادم حسين آريجو واري پٽيشن ۾ ايس ايس پي حيدرآباد سرفراز نواز شيخ پيش ٿي رپورٽ ڏني ته خادم حسين آريجو اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته هن وقت تائين 9 ڀيرا جي آءِ ٽي جي گڏجاڻي پڻ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ان وقت جي ايس ايڇ او حق نواز ڪمانڊو کي پڻ گهرايو ويو هو ۽ سندس ڏنل بيان جي ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪئي پئي وڃي جسٽس عبدالمالڪ گدي پڇيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين جاري رهندو پٽيشنر جي وڪيل علي پلهه پاران خادم حسين آريجو سان گڏ کنڀي وڃڻ بعد آزاد ٿيل شايان آريجو کي پيش ڪيو ويو جتي عدالت پاران خادم حسين آريجو جي حوالي سان پڇا ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته سندس مامي کي ساڻس گڏ کنڀيو ويو هو جنهن کي اڃا تائين آزاد ناهي ڪيو ويو جڏهن ته کيس 3 کان 4 ڏينهن مختلف جاين تي رکيو ويو ۽ سندس سياسي سرگرمين بابت پڇا ڪئي وئي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو اعدالت پاران ايس ايس پي حيدرآباد کان خادم حسين آريجو جي بازيابي جي حوالي سان پڇا ڪئي وئي ته ايس ايس پي ٻڌايو ته اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان پڻ خادم حسين آريجو جي حوالي سان پڇا ڪئي آهي ۽ کين مدد ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي پر اڃا تائين نتيجو ناهي نڪري سگهيو خادم حسين آريجو جي حوالي سان مليل رڪارڊ موجب هو لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيل مختلف دهشتگردي جي ڪيسن ۾ روپوش آهي ۽ سندس تعلق هڪ بندش پيل تنظيم سان آهي جنهن تي ريمارڪس ڏيندي جسٽس فهيم احمد صديقي چيو ته اهو توهان کي کنڀجي وڃڻ کان پوءِ ياد آيو ته هي شخص روپوش آهي جنهن تي کنڀجي ويل شخص جي ڌي نيلم آريجو عدالت کي ٻڌايو ته سندس پيءُ سرڪاري ملازم آهي ۽ هو پگهار کڻندو رهندو هو ۽ مستقل ڊيوٽي تي پڻ حاضر رهندو هو هاڻي سندس نالو پراڻن ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو .جسٽس فهيم احمد صديقي ايس ايس پي حيدرآباد کان پڇيو ته آخر ويگو گاڏي ڪهڙي مصيبت آهي جيڪو سرعام روڊن تي ماڻهو کڻندي وتي ٿي ۽ پوليس کي ڪٿي نظر نه ٿي اچي جسٽس عبدالمالڪ گدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته مسنگ پرسنز وارو معاملو سنجيدهه آهي ۽ هاڻي روزانو حيدرآباد مان به ماڻهو کنڀيا پيا وڃن پر پوليس الائي ڇا پئي ڪري عدالت ۾ پٽيشنر جي وڪيل علي پلهه چيو ته خادم حسين آريجو جو ڪيس نامعلوم ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي پر اها به خبر آهي ته اهي نامعملوم ماڻهو ڪير آهن جنهن تي عدالت ڪيس جي فريادي ۽ گواهن جا ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرڻ جو پوليس کي حڪم ڏيندي ان وقت جي ايس ايڇ او حق نواز ڪمانڊو کي ذاتي طور طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته دادو مان لاپتا ٿيل شخص عبالغفور ڀنڍ کي کنڀڻ جي الزام هيٺ آيل ڊي ايس پي کي ضلعي بدر ڪرڻ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايس ايس پي دادو کي گم ٿيل شخص جي بازيابي جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي .
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟