ماڊل ٽائون سانحو ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ قائم، شريف خاندان سميت 146 ڄڻن کي نوٽيس جاري

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. ماڊل ٽائون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي، جيڪا اڄ 12 وڳي ٻڌڻي ڪندي. ان ڏس ۾ عدالت نواز شريف، شهبازشريف، حمزا شهباز ۽ سعد رفيق کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، ان سان گڏوگڏ چوڌري نثار، پرويز رشيد، خواجا آصف، عابد شير علي، راڻا ثناءُ الله، اٽارني جنرل ۽ پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. عدالت پاران 146 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں