سپريم ڪورٽ زمين تي قبضي جي الزام ۾ خورشيد شاهه سميت 46 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

0Shares

 اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ هندو برادري جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي الزام هيٺ پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سميت 46 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن جواب طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ميانثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ سنڌ اندر هندو برادري جي زمين تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ هندو برادري جي زمين تي قبضي جي رپورٽ تيار آهي. رميش ڪمار چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 46 شڪايتون هيون، رپورٽ ۾ واضح لکيل آهي ته هندوئن جي زمين تي قبضو آهي. چيف جسٽس چيو ته جن ماڻهن قبضو ڪيو انهن کي نوٽيس جاري ڪرڻو پوندو، خورشيد شاهه چوي ٿو ته هن ڪنهن زمين تي قبضو ناهي ڪيو، توهان چئو ٿا ته خورشيد شاهه هندوئن جي زمين تي قبضو ڪيو آهي. رميش ڪمار چيو ته خورشيد شاهه پاران قبضي جي شڪايت متاثر پاران ڪئي وئي آهي، اڳوڻي ڪمشنر سکر به هندو برادري جي زمين تي قبضي جي تصديق ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هندو برادري جي زمين تي قبضو ڪندڙ 46 جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں