ڪرشنگ سيزن جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو، وڌيڪ هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ شگر ملز نه هلائڻ تي زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو، سيڪريٽري ۽ ڪين ڪمشنر کي 11 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيد مريد علي نالي شخص پاران داخل توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته 30 نومبر تائين سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملز هلائڻ واري عدالتي حڪم تي سنڌ حڪومت اڃا تائين عمل نه ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ زراعت واري صوبائي وزير، سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر کي 11 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي کانئن جواب طلب ڪري ورتو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں