اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته منرل واٽر ڪمپنيون عوام کي بيوقوف بڻائي رهيون آهن، عوام کي گهرجي ته منٽرل واٽر ڪمپنين جو بائيڪاٽ ڪن، منرل واٽر ڪمپنيون بند ٿيڻ سان ڪو اڃ نه مرندو. رپورٽن مطابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ منرل واٽر ڪمپنين خلاف پاڻي وڪرو ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ڏسي دل چوي ٿي ته سموريون ڪمپنيون بند ڪري ڇڏيون، سنڌو درياهه ۽ واهن جو پاڻي منرل واٽر طور استعمال ٿي رهيو آهي. خانگي ڪمپني جي وڪيل چيو ته منرل واٽر ڪمپنين کي بهتري لاءِ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جر هيٺ پاڻي جي قيمت هر صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي، هڪ هفتي ۾ نظام ٺيڪ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪمپنيون بند ڪري ڇڏينداسين، نظام بهتر ڪرڻ تي ئي ڪمپنين کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته رڳو ٻن منرل واٽر ڪمپنين جو پاڻي پيئڻ جي قابل آهي، منرل واٽر ڪمپنيون بند ٿيڻ سان ڪو به اڃ نه مرندو. سندس چوڻ هو ته پاڻي ڪمپنيون پاڻي جي قيمت ادا ۽ معيار ٺيڪ ڪن، اهو ڪم سومر تائين ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪمپنيون بند ڪيون وينديون. چيف جسٽس ڪمپني جي مالڪ سان ڳالهائيندي چيو ته قوم کي ناقص پاڻي پياريندا رهيا، توهان کي قوم ۽ ملڪ جو ڪو به خيال ناهي، کوهه جي پاڻي جو معيار بوتل بند پاڻي کان بهتر آهي. ڊي جي ماحوليات چيو ته سيوريج جي پاڻي مان سبزيون ڦٽي رهيون آهن، سنڌ ۾ سنڌو درياهه ۽ واهن جو پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پاڻي صاف ڪري گندو پاڻي وهايو ويندو آهي، منرل واٽر ڪمپنين جا ٽيڪنيڪي معاملا درست نه آهن. چيف جسٽس چيو ته منرل واٽر ڪمپنيون پئسا ادا ڪنديون ته ڊيم لاءِ اسان کي پئسا گهرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، 9 سالن جا 756 ارب رپيا منرل واٽر ڪمپنين کي جمع ڪرائڻا پوندا، هڪ هزار ارب رپيا هڪ ٻئي صاحب کان وٺي ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائينداسين. چيف جسٽس چيو ته سنڌو درياهه ۽ نديءَ جو پاڻي منرل واٽر طور استعمال ٿي رهيو آهي، ڪميشن جي رپورٽ ڏسي دل چوندي آهي ته ڪمپنيون بند ڪري ڇڏيون، سومر تائين معاملا درست نه ٿيا ته ڪمپنيون بند ڪري ڇڏينداسين، ڪنهن به صورت ۾ پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، زمين اندر پاڻيءَ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، نظام بهتر ڪرڻ تي ئي ڪمپنين کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين، پيسا ٺاهڻ لاءِ ماڻهن کي بيوقوف بڻايو ويو آهيجسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪميشن جي رپورٽ موجب ڪمپنين وٽ پاڻي ٽيسٽ ڪرڻ جو نظام موجود ناهي. چيف جسٽس چيو ته ماڻهن کي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ميسر ناهي، ڪمپنين سان ڪا به همدردي ناهي، خراب پاڻي سبزين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اهي سبزيون اسين کائيندا آهيون، ٻارن لاءِ خراب پاڻي استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟