آمريڪي صدر جو وزيراعظم کي خط، افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ سهڪار گهري ورتو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خط لکيو جنهن ۾ پاڪستان سان افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ کان تعاون گهري ورتو آهي. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان ٽي وي اينڪرز ۽ سينيئر صحافين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيو ته سومر جي صبح ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خط آيو آهي جيڪو تمام سٺو آهي ٽرمپ افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ تعاون گهريو آهي اسان ان سان مڪمل تعاون ڪنداسين وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان پاڪستان ۽ آمريڪي عملدارن وچ ۾ رابطو ٿيو آهي افغانستان لاءِ آمريڪي حڪومت جي خاص نمائندو زلمي خليل زاد ۾ اچي رهيو اهي اسان افغانستان ۾ امن آڻڻ لاءِ خلوص سان پوري ڪوشش ڪنداسين وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان معذرت وارو رويو اختيار ڪيو ويو هاڻي اسان آمريڪا کي برابري جي بنياد تي جواب ڏنو ته ٽرمپ خط لکيو اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته افغان مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهون اهو ڪريون وزيراعظم کي لکيل خط ۾ آمريڪي صدر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں