قطري ئي نه آيو ته خطن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪلچر بڻجي ويو آهي: احتساب عدالت

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد نوازشريف جي خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ جي حتمي دليلن جو سلسلو سومر تائين به جاري رهيو احتساب عدالت جج ارشد ملڪ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ دليل ڏيندي چيو ته رڪارڊ مان صاف ظاهر آهي ته هلميٽل جو 88 سيڪڙو نفعو نوازشريف کي مليو ۽ ٽوٽل 97 سيڪڙو رقم پاڪستان آئي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ قطري جي پهرين ۽ ٻئي خط ۾ فرق آهي پهرين خط ۾ قطري صرف ايترو چيو ته 12 ملين درهم جي عيوض ايون فيلڊ فليٽ ڏنا جڏهن ته ٻئي خط ۾ ورڪ شيٽ لڳائي ۽ چيو ته اپروول کان پوءِ فليٽس ڏنا ويا جج پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڇو چئو ٿا ته قطري خطن ۾ بيان ڪيل ڳالهه غلط آهي قطري جو پهريون ڀيرو خط ڪڏهن پيش ڪيو ويو نيب پراسيڪيوٽر چيو ته قطري جوابدارن جو شاهد آهي پر هن ان کي پيش ئي ناهي ڪيو اسان قطري جو بيان قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو پاڪستان نه آيو نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته گڏيل عرب امارتن جي جواب مان به خبر پوي ٿي ته 12 ملين درهم قطر ويا ئي نه آهي ۽ يو اي اِي جي جواب کان پوءِ قطري خطن جي ڪائي حيثيت نه آهي جج ارشد ملڪ سوال ڪيو ته خط ۾ پهريان فليٽس جو چيو پوءِ ملون سامهون آيون ته ورق شيٽ ۾ اهو به شامل ڪري ورتو جڏهن قطري  آيو ئي نه آهي ته ان جي خطن جي ڪهڙي حيثيت آهي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن جو موقف آهي ته العزيزيه اسٽيل ملز جا 3 حصيدار هئا جج سوال ڪيو ته العزيزيه اسٽيل ملز جي ڪنهن رڪارڊ ۾ ميان محمد شريف جو نالو آهي جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته العزيزيه جي ڪنهن به دستاويز ۾ محمد شريف جو نالو نه آهي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته العزيزيه اسٽيل جي وڪرو جي معاهدي ۾ حسين نواز جو نالو آهي جج ارشد ملڪ پڇاڻو ڪيو ته پاناما ڪيسن ۾ پهرين ڏينهن کان نوازشريف جو ئي وڪيل آهي يا تبديل ٿيو ڪڏهن ڪڏهن وڪيل تبديل ٿيڻ سان موقف به تبديل ٿي ويندو آهي عدليه جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪلچر بڻجي ويو آهي جج چيو ته مدعي، وڪيل ۽ جوابدار سڀ ڪوڙ ڳالهائي رهيا هجن ته پوءِ جج مان اميد ڪئي وڃي ٿي ته هو انصاف تي ٻڌل سچو فيصلو ڏي. هي ته ايئن آهي ته ڪنهن کي چڻن جي دال جي ڀاڄي ڏيئي ڇڏيو وڃي ته هن مان ٻوٽيون ڪڍي وٺو جج ارشد ملڪ چيو ته العزيزيه جي وضاحت اچي وڃي ٿي ته اها ڪيئن لڳي ته ايندڙ ڪاروبار جو ته اوهان کي مسئلو نه ٿيڻ گهرجي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته العزيزيه جي قيام جي ته وضاحت ناهي ڪئي ويئي ظلم ته جوابدارن رياست سان ڪيو بغل ۾ رڪارڊ رکي ويٺا رهيا ۽ چوندا رهيا ته هي ڳوليو العزيزيه اسٽيل ملز جي ٻڌڻي ۾ اڌ ڪلاڪ جي ساهي ڪئي ويئي ساهي کان پوءِ نيب پراسيڪيوٽر بي ناميدار ۽ بار ثبوت بابت دليل ڏيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں