واٽر ڪميشن جي سربراهه پاران نوابشاهه واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم

0Shares

نوابشاهه)ڊر)واٽر ڪميشن جو سربراهه رٽائر جسٽس امير مسلم هاني نوابشاهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جي صورتحال چڪاسڻ لاءِ پهتو نوابشاهه ۾ يونيورسٽي الٽرا واٽر فلٽر پلانٽ، گاجراواه واٽر فلٽر پلانٽ ۽ ٽريٽمنٽ پلانٽ جمشيد ڪالوني جا دورا ڪيا پيئڻ جي پاڻي تي عدم اعتماد جو اظهار پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر جي غلط ڪارڪردگي سبب لاڳاپيل اختياري کي کيس نوابشاهه مان رليو ڪرڻ ۽ سندس هٿان ڪيل ٽينڊر رد ڪيا ويا پاڪ اوسس ڪمپني پاران فلٽر پلانٽ هڪ ڏينهن به بند ڪرڻ جي صورت ۾ في ڏينهن 20 هزار روپيا ڏنڊ ڏيڻ جو حڪم خبر موجب واٽر ڪميشن جو سربراه رٽائر جسٽس امير مسلم هاني نوابشاهه ۾ شهرين کي فراهم ٿيندڙ پيئڻ واري پاڻي جي صورتحال جانچڻ لاءِ نوابشاهه پهتو ساڻس گڏ آبپاشي کاتي جو صوبائي سيڪريٽري سيد جمال مصطفيٰ شاهه، پاڻي واري معاملي تي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ وڪيل ۽ دانشور شهاب الدين اوستو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر ۽ ٻيا موجود هئا امير مسلم هاني قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ قائم ڪيل الٽرا واٽر فلٽر پلانٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ يونيورسٽي پهتو انهي موقعي تي نوابشاهه ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او عبدالرزاق شيخ کيس شڪايت ڪئي ته پاڪ اوسس ڪمپني وارا بنا سبب جي شهرين کي فراهم ٿيندڙ پيئڻ وارو پاڻي بند ڪري ڇڏين ٿا جنهن سبب شهرين کي تمام گهڻي تڪليف برادشت ڪرڻي پوي ٿي جنهن تي امير مسلم هاني پاڪ اوسس ڪمپني جي چيف آپريٽر ارشاد حسين سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي شهرين کي مستقل بنياد تي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن بنا سبب جي پاڻي جي فراهمي بند ڪندو ته اوهان کي هڪ ڏينهن جو 20 هزار روپيا جرمانو اداڪرڻو پوندو انهي کانپوءِ امير مسلم هاني نوابشاهه مان گذرندڙ پاڻي جي مکيه وهڪري گاجراواهه فلٽر پلانٽ جو جائزو ورتو ۽ جمشيد ڪالوني نوابشاهه ۾ قائم ٿيل واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جو دورو پڻ ڪيو انهي موقعي تي هن ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي هدايت ڪندي چيو ته شهرين کي صاف شفاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بنائي وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن کي نظر ۾ رکيو وڃي جيڪڏهن واٽر سپلائي جون جي لائنن ۾ ڪا خرابي آهي ته انهي جي مستقل بنياد تي مرمت ڪرائي وڃي ۽ شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي هر صورت ۾ فراهم ڪيو وڃي انهي موقعي تي هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي نوابشاهه جي دوري دوران شڪايت ڪرڻ تي امير مسلم هاني پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر سجاد علي پاران جاري ڪيل ٽينڊر رد ڪرڻ ۽ سندس ناقص ڪارڪردگي تي آبپاشي جي سيڪريٽري سيد جمال مصطفيٰ شاهه کي هدايت ڪئي ته سجاد علي پاران جاري ڪيل ٽينڊر رد ڪري کيس نوابشاهه مان رليو ڪيو وڃي.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں