سنڌ ثقافتي رنگن سان رڱجي وئي، اجرڪ ٽوپيون پائي واهڻ واهن ۾ جشن، ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار

0Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايون واهڻ واهڻ ۾ اجرڪ ٽوپيون پائي جشن ريليون ڌرتي سان محبت جو اظهار سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو سنڌ واسين ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪندي اندلٺي رنگن جي بهار آڻي ڇڏي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب ٿي جتي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو سنڌي فنڪارن قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو ثقافتي تقريب ۾ ملير گلشن حديد سچل ڳوٺ لاسي ڳوٺ چڪرا ڳوٺ ايوب ڳوٺ غازي ڳوٺ لياري ابراهيم حيدري سميت سنڌي وسندين مان هزارين جي رنگ ۾ ماڻهو اجرڪ ٽوپيون پائي پهتا جتي عورتن ٻارڙن ۽ جوانن جو جذبو ڏسڻ وٽان هو. ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ دادو ضلعي جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري ريليون ڪڍيون  ويون خيرپورناٿن شاهه ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران ڪيونٽي سينٽر کان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪيو.  سيتاروڊ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون. دادو ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان پريس ڪلب ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون. ثقافتي  ڏهاڙي جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار ضلعن جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري ريليون ڪڍيون ويون . ٽنڊو محمد خان ۾ شهري اتحاد پاران  اسٽيشن روڊ تان  ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،نوجوانن جون قومي گيتن تي جهمريون هنيون. ٽنڊوالهيار ۾ ينگ دائوداڻي، ايس ٽي پي ۽ پي ٽي آءِ پاران ڌار ڌار ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون. ريلين دوران ڪارڪنن قومي گيتن تي رقص ڪيو. نصرپور ۾ شهيد فاضل راهو فائونڊيشن پاران ثقافتي ريلي فاضل راهو چوڪ کان مهراڻ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪيو. ثقافتي  ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ  بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري ريليون ڪڍيون ويون. بدين ۾  ڏهاڙي جي شروعات نيشنل ڪاليج  انتظاميه پاران 28 فوٽ ڊگهو اجرڪ جو جھنڊو لھرائي ڪئي وئي، اجڪر واري جهنڊي ۾ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي، جنهن کان پوءِ مٺائي ورهائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو. شهر ۾ مرڪزي  ريلي الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين  شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شامل نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون. پنگريو جي هائير سيڪنڊري اسڪول جي  استادن ۽ شاگردن  ڏهاڙي جي سلسلي ۾ انساني زنجير ٺاهي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٽنڊوباگو ۾ شهرين امن جا ڪبوتر اڏاري  ڏهاڙي جي شروعات ڪئي، تقريب ۾ شهرين قومي گيتن تي جهمريون هنيون. سموري سنڌ جيان گهوٽڪي ضلعي ۾به ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو  ويو   گهوٽڪي ۾  جي مکيه تقريب پريس ڪلب آڏو جاري آهي، جنهن ۾ شهر ۽ ڀرپاسي مخلتف علائقن کان آيل  ريلين ۾ ماڻهو موجود آهن، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.  اوٻاوڙو ۾ شهرين پاران مولابخش پنهور، اصغر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪي ٽي اين آفيس کان باءِ پاس روڊ تائين  ريلي ڪڍي وئي.   ڏهرڪي، ريتي، خانپور مهر، ميرپورماٿيلو ۽ ضلعي جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به  تقريبن   ٿيون سکر ضلعي ۾ ثقافتي  ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو  ويو سکر شهر ۾ پريس ڪلب روڊ تي  جي مک تقريب جاري آهي، جنهن ۾ مختلف علائقن کان آيل  شهري شرڪت ڪري رهيا آهن، فنڪار قومي گيت پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته نوجوانن طرفان قومي گيتن تي جهمريون هنيون.  ٻئي طرف شهر جي مختلف علائقن ۾ جوڳي جاڳو اتحاد، ڀيا ميمڻ ويلفيئر ايسو سيئيشن، سومرا اتحاد ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن.  پنوعاقل ۾خانگي اسڪول انتظاميا سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران شاهي بازار تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئ. سڄي سنڌ جيان ڪنڌ ڪوٽ ۾ ثقافتي  ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو ڃي، گڊو سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو  ويو بخشاپور ۾ گورنمنٽ بوائز اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران  ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران شاگردن پاران قومي گيتن تي جهومريون هنيون ويون مختلف علائقن ۾ نوجوانن پاران سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو . ڪنڌڪوٽ ۾ حق باهو پبلڪ اسڪول ۾  ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن ثقافتي لباس پهري قومي گيتن تي جهومريون هنيون. گڊو ۾ به مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران  ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون ڪرمپور ۾ به  عيد جي حوالي سان پوسٽ آفيس چوڪ تائين ريلي ڪڍي پئي وڃي. جنهن ۾ شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي تنگواڻي ۾ ايس ٽي پي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ريلي ڪي ٽي اين آفيس پهتي، جنهن دوران قومي گيتن تي جهومريون هنيون ويون. غوثپور ۾ به سوين شھرين، سياسي ، سماجي، مذھبي تنظيمن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن. سوين ماڻھن اجرڪ  ٽوپيون پائي مختلف هنڌن تان ريليون ڪڍيون، جڏهن ته بابا غريب داس  مندر ۾ سوين ھندو برادري جا ماڻهون  ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي  وئي جيڪب آباد ۾  ثقافتي ڏهاڙي جون تقريبون ٿيون ، پيپلزپارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين تنظيمن پاران ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي سڏ تي  ريليون ڪڍيون ويون  ثقافت  ڏهاڙي سنڌ جو عوام  ثقافتي رنگن سان رڱجي ويو آهي، جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ عورتون ، ٻارڙا ۽ نوجوان قومي ثقافتي لباس پهري سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ ٻين تنظيمن  پاران ريليون ڪڍيون ويون آهن، جيڪي مختلف هنڌن کان ٿينديون مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي ڳڙهي خيرو ۾ جسقم تعلقي صدر ديدار عمراڻي، يونس رند، بهرام خان لهُر، ڊاڪٽر رميش لعل ۽ قومي عوامي تحريڪ جي تعلقي صدر عبدالجبار سنڌي، گل مصطفيٰ جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي. ٺل ۾ سنڌي ادبي سنگت،  سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، وطن دوست مزدور فيڊريشن، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ شهرين پاران  ريليون ڪڍيو ويون. ٺل ۾ سگهڙن پاران به ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران قومي گيتن تي جهموريون هنيون ويون. شڪارپور ۾ ثقافت ا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران سنڌ واسين جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  ثقافتي ڏهاڙو  جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو مختلف شهرن ۾ سياسي، تنمظيمن، شهرين ۽ واپارين پاران ثقاتي ڏهاڙي جي موقعي تي ريليون ڪڍيون پيون وڃن ۽ قومي گيتن تي جهموريون هنيون ميان صاحب ۾  قبول محمد پنهيار، ميان محمد نواز پنهيار، محمد قاسم ٽانوري، محمد وريل شيخ، ممتاز علي ڪلر، ممتاز علي، عزيز شيخ، اياز علي انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين عيد گاهه  کان سنڌ رهي آباد جا نعرا هنيا.ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندا وين اسٽينڊ تي پهتا جتي ثقافتي ريلي ۾ شامل شهرين جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ۽ ٻين قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي  خانپور ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شهرين پاران عيد گاهه کان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ڳڙهي ياسين ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ ويلفيئر سنڌ جي صدر ارشد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ گاڏين جي قافلي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران نوجوانن پاران قومي گيتن تي جمهوريون  هنيون ويون. قمبر ۾ هزارين ماڻهن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي، وارهه ۾  امن جي پکي اڏاري ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي، مختلف علائقن ۾ نوجوانن پاران ريليون ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن. قمبر شهدادڪوٽ  ثقافتي  ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو شهدادڪوٽ ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي ڪوٽو موٽو چوڪ وٽ پهتي، جتي جشن ملهايو ويو. مختلف شهرن ۾ نوجوانن پاران ريليون ڪڍي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو  قمبر  ۾ هزارين ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، مختلف سياسي، مذهبي تنظيمن پاران ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ريلي ڪڍي ڀٽو چوڪ وٽ جلسو ڪوٺايو ويو.جلسي کي نظر احمد تنيو، سيد مجاهد شاهه، لياقت علي گوپانگ، نثار ڏيپر، ميونسيپل چيئرمين شعبان شيخ، سلطان گوپانگ، اياز چانڊيو، نثار احمد ڏيپر، طفيل چانڊيو، ماجد خاصخيلي، حسين بخش ميراڻي، سيد اشفاق شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. وارهه ۾ امن جا پکي اڏاري  ثقافتي ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي.لعلو رائنڪ ۾ قومي ثقافتي عيد جي ڏهاڙي تي صوفي سنگت جي سڏ تي مرڪزي ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن جي ڪارڪنن شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ريلي شاهي جي مين چوڪ کان ڪڍي وئي، جيڪا شهر مک رستا کان درگاھ تارڪ پهتي جتي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون. لاڙڪاڻي جا شهري به ثقافتي لباس پهري سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار  ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ مک تقريب جناح باغ وٽ ٿي رهي آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ شهرين پاران ريليون ڪڍيون ويون سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻي جا رهواسي به سنڌ امڙ سان محبت جي اظهار طور  ريليون ڪڍيون ويون  صبح سان ئي ماڻهو ثقافتي وڳا پائي ۽ اجرڪ اوڍي رستن تي نڪري آيا  لاڙڪاڻي ۾ مک  تقريب  جناح باغ چوڪ تي جاري آهي، جتي فنڪار  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو  شهر جي مختلف هنڌن تان ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جيڪي به جناح باغ چوڪ تي پتيون بهرام ۾ پي ٽي آءِ طرفان ثقافتي ريلي ڪڍي انساني زنجير ٺاهي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ امن لاءِ ڪبوتر به اڏاريا ويا. باڊهه ۾ درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، سانگهڙ ضلعي ۾سنڌ جي ٻين شهرن جيان “ ثقافتي  ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون پيون وڃن، تقريبن ڪوٺايون ويون  سانگهڙ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو  ٿي ، جتي ريلين جي آمد جاري آهي، جوڳين طرفان مرليون وڄائي فن جو مظاهرو ڪيو  شاهپور چاڪر ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران عيد گاهه کان ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾شهرين اجرڪ اوڍي، پٽڪو ٻڌي ۽ سنڌي ٽوپي پائي شرڪت ڪئي.  شهدادپور ۽ ان جي ڀر وارن علائقن    مقصودي رند، سرهاڙي، لنڊو ۽ ٻرهوڻ ۾ ريليون ڪڍيون ويون. نوشهرو فيروز ضلعي ۾ سڄي سنڌ جيان  ثقافتي  ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان تقريبن ۽ ريليون ڪڍيون ويون  ٺارو شاهه ۾  ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب ٽائون ڪميٽي ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ صوفي فقيرن ۽ قومي راڳين فن جو مظاهرو ڪيو، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هالاڻي ۾ شهرين طرفان پريس ڪلب آڏو ڏيئا ٻاري ثقافتي ڏهاڙي جي ريلي ڪڍي وئي. دولتپور صفن  ۾ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن شاندار زنجير ٺاهي قومي گيتن تي رقص ڪيو، سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ريلي ڪڍي وئي. ڪنڊياري ۾مختلف تنظيمن طرفان ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين  ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. خانواهڻ ۾جسقم ۽ ٻين تنظيمن طرفان شاهه عبداللطيف ڪالوني کان عيد گاهه چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي صوفياڻي راڳ جي محفل به ٿي. نوابشاھ ۾ثقافتي  ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جڏهن ته تقريبن ڪوٺايون ويون   2 ڊسمبر جو سج اڀرڻ سان ئي ھميشا  وانگر  پھرين ريلي حق صوفي ازم تنظيم جي باني فقير جي ايم ڏاھري مست پروازي جي فقيرن پاران ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب پهتي، ريلي  ۾ وڏي انگ ۾ فقيرن شرڪت ڪري  ٻڌي جو اظهار ڪيو. ڄام صاحب ۾ مک تقريب شھر جي بس اسٽاپ تي ڪوٺائي وئي، بعد ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميرپورخاص ۾  ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، شهر جي مختلف علائقن کان ريليون پريس ڪلب پهتيون، جتي سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن. سنڌڙي  ۾ ثقافتي  ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي موٽ ۾ مک تقريب پريس ڪلب آڏو جاري آهي، جتي مقامي فنڪارن گرم جلال، مور مسڪين، سبزل مري ۽ ٻيا فن جو مظاهروڪيو . ڊگهڙي جي پريس ڪلب آڏو  ثقاتي ڏهاڙي جي تقريب ڪوٺائي وئي  ، جتي نوجوان سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي ڌرتي ماءُ سان محبت جو اظهار  ڪيو. حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ڪوٽڙي ڄامشورو مٽياري هالا نيو سعيدآباد ٽنڊوالهيار ٽنڊوڄام ٽنڊومحمد خان مسڻ وڌي نصيرپور ۾ ريليون ڪڍيون ويون کورواهه ٽنڊوباگو ٽنڊو غلام علي شهدادپور سڪرند دوڙ پانڌي خيرپور راڻيپور ڀرياروڊ نوشهروفيروز مورو نوان جتوئي ڪنڊيارو خانواهڻ ۾ ثقافتي  ڏهاڙو ملهايو ويو نصيرآباد ڀان سعيدآباد ميهڙ راڌڻ سيتاروڊ سيوهڻ سن مانجهند ٺٽو سجاول گهارو ڌاٻيجي ڳجو دڙو چوهڙجمالي شاهبندر ميرپوربٺورو ڳاڙهو ميرپورساڪرو ٻهارا ۾ ثقافتي ڏڻ تي ريليون ڪڍيون ويون عمرڪوٽ مٺي چيلهار اسلام ڪوٽ ڏيپلو ڇاڇرو ڍورنارو پٿورو نيوڇور کپرو ڪنري جڏهو نئون ڪوٽ سامارو ٽنڊوجان محمد ڊگهڙي ڪوٽ غلام محمد مير لانڍي شهدادڪوٽ ڪوٽڏيجي گمبٽ ڪنب ٽنڊوآدم ڄام نواز علي نئون آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون پنوعاقل اوٻاوڙو عادلپور ڏهرڪي جروار گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ ڪشمور غوثپور لکي غلام شاهه ڳڙهي ياسين نئون ديرو رتيديرو لاڙڪاڻو ڏوڪري باقراڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون ڪلوئي گولاڙچي تلهار ماتلي شادي لارج کوسڪي ڪڙيو گهنور شيخ ڀرڪيو ٽنڊو جان محمد ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو وچن ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں