نظر نٿو اچي ته ڪپتان وڌيڪ ڏينهن حڪومت سنڀالي سگهندو: آصف زرداري

0Shares

صادق آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته نظر نه ٿو اچي ته ڪپتان گهڻا ڏينهن حڪومت سنڀالي سگهي.صادق آباد جي علائقي نواز آباد ۾ پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته سندس سياست سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي، انهن کان معيشت نه ٿي سنڀالجي ۽ نه حڪومت، ٻه ڪتاب پڙهي اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي نه ٿو لڳي ته ڪپتان جي حڪومت گهڻا ڏينهن هلي سگهندي. آصف زرداري حڪومت طرف اشارو ڪندي چيو اهي سمجهن ٿا ته 18 هين ترميم اسان پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ ڪئي آهي، دنيا جديد ٿي وئي هاڻ سوچ کي نه ٿو لڪائي سگهجي، ڪم نه ڪيو ته حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو.هن چيو ته صرف پيپلز پارٽي جو دور اهڙو هو جنهن ۾ ڪوبه سياسي قيدي نه هو، جيڪڏهن مون پنهنجي دور ۾ ذميواريون پارليامينٽ کي نه ڏنيون هجن ها ته اڄ ڊينٽسٽ يا پڪوڙن وارو صدر نه هجي ها.آصف زرداري جو چوڻ هو ته الله اسان کي ٻيهر موقعو ڏيندو، عوام جا اصلي حقدار اسان آهيون، اوهان جا ٺاهيل پتلا نه. هن چيو ته اهي چون ٿا ته نيپولين يوٽرن نه ورتو، نيپولين ۽ هٽلر کي تاريخ ۾ هيروز تسليم نه ڪيو ويو هٽلر 55 ملين ماڻهو هارايا صرف پ پ جو دور اهڙو هو جنهن ۾ ڪو سياسي قيدي نه هو اسان مخالفن کي نه جيلن ۾ رکيو ۽ نه ئي  احتساب جو سوچيو  جمهوريت خاطر شهيد ڀٽو ۽ بي بي شهيد قربان ٿي ويا، اسان جيلون ڪاٽيون. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ آر او پلانٽس لڳايا، پاڻي جي فراهمي لاءِ ٺٽي جون نديون پڪيون ڪرايون. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ٿر جي 6 مان 5 سيٽون پيپلز پارٽي کٽيون آهن، مون کي خبر آهي ته پنجاب ۾ پوليس کي ڪيئن استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌ پوليس طرفان ڪابه شڪايت نه ٿيڻ ڏينداسين، هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ماڻهن جي خدمت ڪري ووٽ وٺندي آحي، اسان کي قيادت جو اهو ئي سبق آهي ته عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں