سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اڄ ملهايو ويندو، مشعل بردار ريليون ڪڍي قديم ثقافت کي ڀيٽا پيش

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر + نمائندن وٽان) سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سڏ تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ رٿيل تقريبن جا انتظام مڪمل، مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي رات مشعل بردار ريليون ڪڍي قديم ثقافت کي روشنين ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تفصيل موجب سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مک تقريب رٿيل آهي، جنهن ۾ ناليوارا راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ به پروگرام رٿيل آهي، جڏهن ته ريليون پڻ ڪڍيون وينديون. ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، دادو، ڄامشوري، گهوٽڪي، نوابشاهه، شڪارپور، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، ٺٽي، بدين، مٺي ۽ عمرڪوٽ سميت سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ پڻ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام رٿيل آهن، جڏهن ته مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين پاران ريليون ڪڍي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويندو. رٿيل پروگرامن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي ثابت ڪندا ته سنڌ جو عوام پنهنجي ثقافت سان پيار ڪري ٿو، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسين هر سال سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو عيد جيان ملهائيندا آهيون،  ڌرتي ڌڻي قومي عيد جي موقعي تي وچن ڪندا ته تعليم حاصل ڪرڻ کي به پنهنجي ڪلچر جو حصو بڻايو ويندو.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں