سنڌ ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 16200 رپيا مقرر، هنرمند مزدور کي22569 رپين تائين ملندا

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس سنڌ سيڪريٽري ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 13 ايجنڊن تي غور ويچار ڪيو ويو. صوبائي ڪابينا جا مالي خرچن، سنڌ ريپروڊڪٽو هيلٿ ڪيئر رائيس، اي ڊي پي 19-2018ع جي هلندڙ ترقياتي رٿائن لاءِ وڌيڪ فنڊن جي ڊمانڊ، سنڌ حڪومت رولس آف بزنس ۾ ترميم، منيمم ويج جي منظوري، سنڌ ڪنزيومر پروڊڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم، اسپيشل ڪورٽ سکر لاءِ ججن جي مقرري، سائيٽ لميٽڊ لاءِ واٽر ڪميشن جي هدايت مطابق حڪمت عملي جوڙڻ بابت غور، بينظير ڀٽو هيومن ريسورس ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جي منظوري، چيئرمين چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايويلوئيشن ڪميٽي جي چيئرمين جي ڪنٽريٽ ۾ واڌ، ايڪسٽينشن آف ٽينيور آف جوڊيشنل آفيسرز، اين آءِ سي وي ڊي گرانٽ۔ ڪابينا ۾ مالي معاملن جي منظوري لاءِ ڪابينا جي سب ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها ڪميٽي حڪومت جي خرچن جي منظوري ڏيندي. ڪابينا سعيد غني، ناصر شاهه  ۽ امتياز شيخ تي ٻڌل سب ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا سنڌ ڪچي آبادي ڊپارٽمينٽ جو نالو مٽائي هيومن سيٽلمينٽ اسپيٽشيئل ڊولپمينٽ اينڊ سوشل هائوسنگ ڊپارٽمينٽ رکي ڇڏيو. سنڌ ڪابينا صوبي ۾ ريپروڊڪٽو هيلٿ ڪيئر رائٽس جي حوالي سان غور ويچار ڪيو. صوبائي صحت واري وزير ان بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ان ايڪٽ تحت ماءُ ۽ ٻار جي حقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. خانداني رٿابندي جي اصولن کي به عمل ۾ آندو ويندو. ڪابينا ايڪٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي ۾ هيلٿ سيڪريٽري، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو خاص معاون اشفاق ميمڻ شامل آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا جان محمد لنجار، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي اسپيشل ڪورٽ سنڌ پبلڪ پراپرٽي (ريموول آف انڪروچمينٽ) سکر کي اڍائي سالن لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، اها مقرري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سفارش تي ڪئي وئي آهي. ڪابينا وڌيڪ هنرمند پورهيتن (هاءِ اسڪلڊ)جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 21083 رپين کان 22569 رپين تائين ڪرڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسڪلڊ پورهيتن جي پگهار 18589 رپين کان 19836 رپين تائين آهي. سيمي اسڪلڊ پورهيتن جي پگهار 16596 رپين کان 17345 رپين تائين آهي جڏهن ته پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 16200 رپيا آهي. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ منيمم ويجز ايڪٽ 2015ع ۾اسيمبليءَ کان منظور ڪرايو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪوبه ملازم منيمم ويج کان هيٺ پگهار اسٽيڪچر تي نه رکيو  ويندو. سندس حڪومت جي ڪوشش آهي ته ورڪرز کي پگهار جي حوالي سان مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. واٽر ڪميشن جي سائيٽ لميٽڊ بابت ڏنل آبزرويشن تي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سائيٽ جي بورڊ غيرقانوني طور تي انڊسٽريل پلاٽن کي ڪمرشل پلاٽن ۾ تبديل ڪيو آهي. سائيٽ بورڊ ۾ 15 ڊائريڪٽرز آهن جن ۾ 7 ٽينيٽس ۽ 8 حڪومت پاران آهن. اهي سموريون حددخليون جيڪي ڊرينج جي فلو کي متاثر ڪري رهيون آهن انهن کي ترت هٽايو وڃي. سموري سائيٽ لميٽڊ جي ماسٽر پلان جو جائزو وٺي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو. سائيٽ جي بورڊ جو پڻ جائزو وريو ويندو جنهن ۾ حڪومت جي فيصلن ۾ ڪردار کي وڌايو ويندو. سموري سائيٽ جي نيڪاسيءَ واري نظام جو سروي ڪري نئون ايڪشن پلان جوڙيو ويندو. ڪمرشل ۽ انڊسٽريل چارجز جو جائزو وٺي ان کي سائيٽ جي ترقياتي ڪمن ۾ خرچ ڪيو ويندو. سائيٽ لميٽڊ ان چارجز لاءِ الڳ اڪائونٽ کوليندي جنهن مان ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيو ويندو. ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا گورننگ باڊي ۽ ٻين مسئلن کي ڏسي سندن سفارشون پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ مخدوم محبوب زمان، مرتضيٰ وهاب، سعيد غني، ايڊوائيزر انڊسٽريز سراد محمد بخش مهر کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي پلاٽن جي اندسٽريل کان ڪمرشل ۾ تبديلي جي به جاچ پڙتال ڪندي. وڏي وزير چيو ته ڪميٽي اهو به ڏسي ته ڪيتري ايراضي سائيٽ کي ڏني وئي آهي ۽ ڪيتري وڌيڪ انهن جي قبضي ۾ آهي. صنعتي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سائيٽ جي بورڊ کي متحرڪ ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اينٽي انڪروچمينٽ تحت انساني آبادين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. جيڪڏهن ڪا به نئين انڪروچمينٽ ٿي ته لاڳاپيل علائقي جا ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي، ايس ايڇ او جوابدار هوندا. وڏي وزير صوبائي بلديات واري وزير سعيد غني، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وقار مهدي، ميئر ڪراچي وسيم اختر، ڪمشنر ڪراچي کي ري هيبليٽيشن پلان بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته جن ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿيو آهي انهن لاءِ پروجيڪٽ بڻائي ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪنهنکي بيروزگار ۽ بي گهر ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهان. هن چيو ته پارڪس تي قبضن، فٽ پاٿ، روڊ ۽ رستن تي حددخلين کي هٽايو ويندو. جن جا گهر آهن انهن کي هٽائڻ يڪ نه آهي، جن جا ڪاروبار متاثر ٿيا آهن مون کي انهن لاءِ روزگار بحال ڪرڻو آهي. ريهيبليٽيشن پلان جلدبڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪو انڪروچمينٽ هٽائڻ جي حوالي سان تمام بهترين فيصلو آهي.، ڪي سي آر واري روٽ تي انڪروچمينٽ هٽائي ويندي. ڪي سي آر جيڪا 43.2 ڪلوميٽر آهي ان جي حقيقي متاثرن کي معاوضو ادا ڪيو ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 15هين يوم تاسيس تي ٿيل سکر ۾ جلسي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن ڪابينا ميمبرن خاص طور تي سکر جي نمائدن کي واڌيون ڏنيون. وڏي وزير چيو ته يوم تاسيس واري جلسي جي ڪاميابي شهيد ڀٽو جي مشن ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي ضمانت آهي. ٻئي طرف سڌ سماءُ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن آڌار ڪراچي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي پر سنڌ سرڪار انهن علائقن ۾ قائم آبادين کي ڊاهڻ نه  ڊاهڻ بابت هدايتون وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي نظرثاني جي درخواست ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن مان ڪافي ايراضيون وفاقي سرڪار جون به آهن جن کي اسين ڪچي آبادي ڊڪليئر نه ٿا ڪري سگهون هن چيو ته ان ڳالهه کي  نظر آڏو رکبو ته ڪابه ليز پراپراٽي آپريشن جي دائري ۾ نه اچي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں