لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ ايف بي آر کي وزيراعظم جي ڀيڻ عليما خان خلاف سموري ڪارروائي جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جي دبئي ۾ ملڪيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ ايف بي آر کي هن وقت تائين ڪيل سموري ڪارروائي جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي عليما خان کي طلبي لاءِ ڪڏهن نوٽيس موڪليو ويو ۽ ايف بي آر ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي. ايف بي آر جي ڪمشنر ان لينڊ روينيو ڊاڪٽر اشتياق دبئي جي ملڪيت ۽ ڪرائي نامي بابت تفصيلي رپورٽ مهر بند لفافي ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي ڀيڻ عليما خان دبئي جي فليٽ تي ايمنسٽي نه ورتي آهي، ميڊيا ۾ ايمنسٽي وٺڻ بابت غلط خبر ڏني پئي وڃي. ايف بي آر کيس فليٽ ڊڪليئر نه ڪرڻ تي 8 فيبروري 2018ع تي نوٽيس موڪليو هو پرڏيهه هئڻ سبب کيس نوٽيس نه مليو آهي، عليما خان بئنڪ مان قرض حاصل ڪري فليٽ خريد ڪيو جيڪو ڀاڙي ذريعي ادا ڪيو، قرض جي ادائيگي کانپوءِ فليٽ وڪرو ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته عليما خان بئنڪ مان قرض وٺي فليٽ خريد ڪيو، ڀاڙو قسط طور بئنڪ کي ادا ڪيو، پوءِ فليٽ وڪرو ڪيو، هاڻي مسئلو ڇا آهي. ڪمشنر ان لينڊ روينيو ڊاڪٽر اشتياق چيو ته عليما خان دبئي جي ملڪيت ظاهر نه ڪئي، باقي سموريون ملڪيتون ايمنسٽي اسڪيم ۾ ظاهر ڪيون، پرڏيهه ملڪ خريد ڪيل ملڪيت ظاهر ڪرڻ لازم آهي، جڏهن ته ايف بي آر کي سندس نفي ۽ نقصان سان ڪو واسطو ناهي. چيف جسٽس چيو ته عليما خان خلاف ڪارروائي کي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي، 6 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ڪيس کي ٻڌنداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟