ڀارتي آرمي چيف جو بيان رد، اسان جو نظريون تبديل نه ٿيندو: پاڪستان

0Shares

اسلام آباد/ملتان (بيورو+م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي آرمي چيف جي بيان کي بي معنيٰ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني اسلامي ملڪ آهي، هڪ نظريي تحت وجود ۾ آيو پر ڀارتي آرمي چيف جي بيان سان اسان جو نظريو تبديل نه ٿيندو. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرتارپورلنگهه کي سموري دنيا ۾ ساراهيو ويو، ٻنهي پاسن کان ان تي راضپو ظاهر ڪيو ويو، ڀارت پنهنجي ٻن وزيرن کي موڪليو، اسان جي خواهش هئي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ پنجاب جو وڏو وزير به اچن پر سٺي شروعات ٿي آهي، جنهن کي هاڪاري انداز ۾ وٺڻ گهرجي، جنهن سان لاڳاپن ۾ بهتري جا امڪان روشن ٿيا آهن. هن چيو ته عمران خان ۽ اسان جي حڪومت جي خواهش آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام پيدا ٿئي ڇو ته امن هوندو ته اهڙن مسئلن تي ڌيان ڏينداسين جيڪي اڄ حڪومت کي درپيش آهن، پاڪستان کي معاشي ۽ روزگار جا مسئلا آهن، اهي مسئلا سيڙپڪاري سان حل ٿيندا ۽ سيڙپڪاري امن سان ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان بي معنيٰ آهي، پاڪستان اسلامي ملڪ آهي ۽ هڪ نظريي تحت قائم ٿيو، سندس بيان سان اسان جو نظريو تبديل نه ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڏکڻ پنجاب جو الڳ صوبو هجڻ اسان جي خواهش، ارادو ۽ منشور جو حصو آهي، جنهن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪجهه قانوني رنڊڪون آهن ۽ آئيني ترميمون گهربل آهن، تنهنڪري اسان وٽ ايتري اڪثريت ناهي جو 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان ترميم ڪريون، اسان کي مخالف ڌر جو سهڪار گهرجي، جيڪڏهن مخالف ڌر چاهي ٿي ته صوبي ٺهي ته گڏجي ويهن، ان لاءِ به ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته اعليٰ سطح تي ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ جيڪي قدم کڻي سگهن ٿا اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت هتي سيڪريٽري بڻايو وڃي ۽ اهڙا سينيئر آفيسر مقرر ڪيا وڃن، جنهن سان عوام جا مسئلا لاهور بدران گهر ويجهو حل ٿين. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي غربت ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو آهي ته علائقي لاءِ الڳ ساليانو ترقياتي پروگرام تيار ڪيو وڃي، جيڪڏهن هاڻوڪي بجيٽ ڏٺي وڃي ته گهڻو پئسو ڏکڻ پنجاب کان ٻين ضلعن طرف خرچ ٿيو، جيڪو هڪ عدم توازن آهي ۽ جنهن کي اسان کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان پاڪ ڀارت عوام ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ڪرتارپور راهداري رٿا کي اڳتي وڌائيندو، راهداري جو بنياد رکڻ سان پاڪ ڀارت عوام ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته پيڙهه جي پٿر جي تقريب ۾ ڀارتي مهمانن جي شرڪت تي ٿورائتا آهيون، وڏي تعداد ۾ سک ياترين جي تقريب جي شرڪت سٺو سنوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرتارپور راهداري بابت ڀارتي منطق بد نيتي تي ٻڌل آهي،  اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جو هر قدم ڪرتارپور راهداري جي بهتري لاءِ هوندو،  جڏهن ته اسان پنهنجي طرف کان پاڪ ڀارت انٽرنيشنل بارڊر تائين راهداري جي اڏاوت جي شروعات ڪرڻ وارا آهيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته جارج بش سينئر عالمي چئلينجن جي دور ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي،  پاڪستان ۾ بش سينئر کي 2005ع جي زلزلي بعد سندس ڪيل ڪوششن سبب ياد رکيو ويندو. هوڏانهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان پرامن ڳالهين لاءِ هميشه تيار آهي پر ڀارت هميشه ڳالهين کان پري ڀڳو آهي. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان هميشه ڀارت سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڀارت کي آڇ به آهي ته توهان هڪ قدم وڌايو اسان 2 وکون اڳتي اينداسين. هن چيو ته  ڪشمير جي مسئلن جي حل کي فوجي آپريشن ذريعي نه ٿو ڪڍي سگهجي پر پاڪستان جي اهڙي موقف تي به ڀارتي ميڊيا خوش ناهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪڏهن به پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ پسند نه ڪيو آهي، ڀارت هميشه ڪشمير ۾ پنهنجي ناانصافين ۽ ظلم توڙي تشدد بعد پاڪستان تي الزام هنيا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں