ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، مهراڻ ٽائون جنگ جو ميدان بڻجي ويو، باهيون، 30 زخمي، ڪيترائي گرفتار

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ حددخلين خلاف آپريشن، رهواسي سراپا احتجاج، پٿراءُ، اهلڪارن جي هوائي فائرنگ، مهراڻ ٽائون جنگ جو ميدان بڻجي ويو، 30 کان وڌيڪ زخمي، ڪيترائي گرفتار، گاڏين کي باهيون. تفصيل موجب ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) حددخلين خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران مڇريل ماڻهن ٽيم تي پٿراءُ ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻازخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ آپريشن روڪيو ويو، ڪجهه دير کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڇريل ماڻهو ٻيهر رستن تي نڪري آيا. پوليس اهلڪارن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ته مڇريل ماڻهن پٿراءُ ڪيو، جنهن دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. چڪرين دوران 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ پڻ ڪيو ويو. مڇريل ماڻهن هڪ دڪان، 5 گاڏين ۽ ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪورنگي علي رضا موجب ڪي ڊي اي حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي ته مڇريل ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ پٿراءُ شروع ڪري ڏنو، جنهن ۾ هڪ آفيسر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻنهي طرفن کان هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته آپريشن دوران ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته غير قانوني قبضن ۽ ناجائز خريد ۽ وڪري خلاف ڪارروايون ٿينديون رهيون آهن، ڪي ڊي اي ٽيم حفاظت کي نظر آڏو رکندي آپريشن روڪي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪي ڊي اي ڊائريڪٽر محمد دريل جو چوڻ آهي ته مهراڻ ٽائون ۾ سمنڊ پار پاڪستانين سميت ٻين ماڻهن جا پلاٽ آهن، جن تي لينڊ مافيا قابض آهي، پوليس ۽ انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ قبضا مافيا خلاف ٻيهر آپريشن شروع ڪنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں