“آصف زرداري 300 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي” اومني گروپ جي چيف فنانشل آفيسر اسلم مسعود جو انڪشاف

0Shares

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اومني گروپ جي چيف فنانشل آفيسر اسلم مسعود اعترافي بيان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ٽي سئو ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي. هن ٻڌايو ته زرداري هنڊي وسيلي ڪارو ناڻو اڇو ڪيو، اسلم مسعود ٻڌايو ته آصف زرداري مني لانڊرنگ ڪندڙ ايجنٽن جو نيٽورڪ ڦهلائي رکيو هو ۽ ان جي سرپرستي ۾ لينڊ مافيا، بروڪرز ۽ سرمائيدارن جي ملي ڀڳت سان مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ بڻيو. نجي چينل موجب ايف آءِ اي کي ڏنل اعترافي بيان ۾ اسلم مسعود مني لانڊرنگ ايجنٽس جي نالن تان به پڙدو کنيو، مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ 600 جي لڳ ڀڳ شخصيتن تي ٻڌل آهي. 137 شخصيتن جو تعلق مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز سان آهي، حوالا ايجنٽس وسيلي ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ وارن ۾ 248 پراپرٽي ڊيلرز به شامل آهن، اسلم مسعود انڪشاف ڪيو ته 82 ماڻهن جو تعلق اسٽاڪ مارڪيٽ سان آهي. ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ٽيم اومني گروپ جي چيف فنانشل آفيسر اسلم مسعود کي ڏيهه آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اسلم مسعود کي ڪجهه ڏينهن اڳ انٽرپول وسيلي سعودي عرب ۾ گرفتار  ڪيو ويو هو ايف آءِ اي پاران اسلم مسعود کي ڏيهه آڻڻ لاءِ 4 رڪني ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي ايف آءِ اي جي ٽيم سعودي سفارتخاني کي سعودي عرب وڃڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں