وزيراعظم ڪرتارپور سرحد جو افتتاح اڄ ڪندو، نوجوت سنگهه سڌو جي قيادت ۾ ڀارتي وفد پهچي ويو

0Shares

اسلام آباد/لاهور(بيورو) ڪرتارپور بارڊر کولڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته وزير اعظم عمران خان اڄ ڪرتارپور ڪريڊور جي پيڙهه جو پٿر رکندو. تفصيل موجب ڪرتارپور بارڊ کولڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويونآهن، وزير اعظم عمران خان اڄ ڪرتارپور ڪوريڊور جي پيڙهه جو پٿر رکندو، تقريب ۾ پاڪ ڀارت سميت سڄي دنيا مان سک شرڪت ڪندا. ڪرتار پور بارڊر جي افتتاحي تقريب جو اعلان ٿيندي ئي درٻار جي واڌ ويجهه جو ڪم تيز ڪيو ويو هو، پنڊال جي جاءِ کي به خوبصورتي سان گڏ تيار ڪيو ويو آهي جتي انتظاميا موجب 4 هزار ڪرسيون لڳايون وينديون. ٻئي طرف ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي وفد پاڪستان پهچي ويو. اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سنڌو جي قيادت ۾ ڀارتي وفد واهگا بارڊر رستي پاڪستان پهتو جتي پنجاب رينجرز جي اختيارين سندن استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوت سنگهه سڌو چيو ته عمران خان ٽي مهينا اڳ جيڪو ٻج پوکيو اڄ اهو ٻوٽو بڻجي چڪو آهي، ان کان وڌيڪ خوشي نه ٿي سگهي پئي ۽ نه 12 ڪروڙ سک برادري کي، پاڪستان جي وزيراعظم ۽ سمورن آفيسرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪرتارپور راهداري امن جو رستو ثابت ٿيندو، امن جي راهداري کلڻ سان 60 سالن بدران 6 مهينن ۾ خوشحالي اچي سگهي ٿي، اها راهداري ٻنهي ملڪن جون سرحدون کلڻ جو سبب هوندي. نوجوت سنگهه سڌو جو چوڻ هو ته مذهب کي سياست جي نظر سان نه ڏسو، پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کان منهنجو انتقام اهو ئي آهي ته وڃو معاف ڪيو. مهمان سڌو چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ کوڙ سارا ناميارا فنڪار ۽ رانديگر آهن جن سان سڀ محبت ڪن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿيڻ گهرجي. نوجوت سنگهه سڌو ان موقعي تي هڪ شعر به پڙهيو، گرونانڪ جا ٻول هميشه ياد رکنداسين، شيخ فريد جي نصيحت هميشه ياد رکنداسين، مريدن کي جيڪو مرشد طرف وٺي وڃي اسان ان اميد جي سڀاڻي بنياد رکنداسين. هوڏانهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڪرتارپور سرحد کولي تاريخ جي نئين رخ جو تعين ڪيو آهي، امن طرف وڌي رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جو فيصلو تاريخي آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ امن اڻٽر آهي، ڀارت جا ڪجهه عنصر پنهنجي چونڊ سياست لاءِ نفرت جو ٻج پوکيندا آهن، پاڪستان 7 ڏهاڪن کان جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ طرف هٿ وڌايو. سندس چوڻ هو ته امن لاءِ اٿي بيهي پاڪستان سڄي دنيا کي هڪ مثبت پيغام ڏنو، ڀارت ۾ ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته اکيون بند ڪرڻ سان مسئلا ختم ٿي ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں