نيب جي قانون ۾ بهتري جي گنجائش آهي، احتساب بنا فرق جي ۽ منصفاڻو ٿيڻ گهرجي: چيف جسٽس

0Shares

لنڊن(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته سڀني جو احتساب بنا فرق ۽ منصفاڻو هجڻ گهرجي، ان کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي. لنڊن/ ۾ تقريب کي خطاب ۽ نجي چينل سان ڳالهائيندي چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته عوام محنت ڪري ٽيڪس ڏئي ٿو، ماڻهن کي پاڪستان ۾ ڦرلٽ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پئسو ٻاهر ڇو ۽ ڪيئن هليو ويو، ان ۾ ڪوتاهي ڪنهن جي آهي، جواب اهو ئي ڏئي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته پئسو واپس آڻڻ لاءِ اسان تمام گهڻا قدم کنيا آهن ۽ ايف آءِ اي، ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ ۽ فنانس ڊويزن ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن. جسٽس ثاقب نثار ٻڌايو ته پاڪستان کان ٻاهر موڪليل پئسو واپس آڻڻ لاءِ گورنر اسٽيٽ بينڪ جي سربراهي ۾ ٽيم ٺاهي وئي آهي، جيڪا ايندڙ هفتي رپورٽ پيش ڪندي. چيف جسٽس چيو ته نيب قانونن ۾ بهتري جي گنجائش آهي ۽ ان لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ان سان گڏوگڏ هن چيو ته نيب چيئرمين سان به رابطو آهي ۽ کيس زحمت به ڏيون ٿا، هن کي ٻڌايون ٿا ته اهي شيون شفاف جاچ کان هٽيل آهن. چيف جسٽس موجب جيڪڏهن مون کي ڪنهن غير منصفاڻي قدم جي خبر پوي ٿي ته ان تي تبصرو ضرور ڪندو آهيان. هن ٻڌايو ته برطانيه سان جيڪو پروٽوڪول سائن ٿيو آهي ان جي تحت پاڪستانين جي ملڪيتن بابت تمام گهڻي ڄاڻ ملي آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته برطانيه ۾ ملڪيت رکندڙ ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ پيش نه ڪري  رهيا هئا، مون برطانيه ۾ ملڪيت رکندڙ 15 ڄڻن کي چونڊيو هو، جن مان 7 ماڻهو پيش ٿي ويا ۽ ان حوالي اسن وڌيڪ جاچ ٿي رهي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں