وزيراعظم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ، قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين: عمران خان

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان کي حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت درست رخ ڏانهن وڌي رهي آهي، اسان تمام جلد هدف حاصل ڪري وٺنداسين، قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسينوزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد ارباب، معاون خصوصي نعيم الحق، فيصل جاويد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي حڪومت جي سئو ڏينهن جي پلان تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان هائوسنگ منصوبي تي ٿيل اڳڀرائي سميت سادگي ۽ بچت واري مهم بابت بريفنگ به ڏني وئي. اجلاس ۾ ادارن ۾ سڌارن ۽ ٽاسڪ فورس جي ڪاردگي جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته سئو ڏينهن واري پلان جي تقريب تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت جو رخ درست آهي، هدف حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم  چيو ته، قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، اسان جي سڌارن جو فائدو جلد عوام وٽ پهچندو. عمران خان چيو ته ملڪ کي معيشت جي جلد معيشت کي جلد پيرن تي بيهارينداسين. ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت بابت اجلاس رٿيو ويو، اجلاس ۾ وزير اعظم کي لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم عمران خان چيو ته چين پاڪستان کي زراعت ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، زراعت ۾ ترقي ملڪي جي ڊِ پي جي واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته زراعت جي شعبي ۾ ريسرچ ۽ جديد ترين اوزار متعارف ڪرايا ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں