دبئي(اسپورٽس نويز) ياسر شاهه جي تباهه ڪن بالنگ، نيوزيلينڊ فالو آن جو شڪار، ٻي اننگ ۾ 131 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، نيوزيلينڊ کي اڃا 197 رنسن جو خسارو برقرار.. تفصيل موجب دبئي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 90 رنسن ٺاهي فالو آن جو شڪار ٿي وئي جنهن بعد ڪيوي ٽيم جي ٻي اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي. دبئي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ياسر شاهه شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڪنهن به ڪيوي بيٽسمين کي ڪريز تي بيهڻ نه ڏنو ۽ 41 رنسن عيوض 8 رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو. ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ بنا ڪنهن نقصان تي 24 رنسون تي پنهنجي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي، ٻنهي اوپنر ٽيم کي 50 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي پر ان کانپوءِ ياسر شاهه پهريان جيت راول کي 31 رنسن تي بولڊ ڪيو ۽ پوءِ ٻئي اوور ۾ نيوزيلينڊ جي 3 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري مهمان ٽيم جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. ماني جي وقفي تائين وڌيڪ 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪري باقي رهيل ڪسر پڻ پوري ڪري ڇڏي. ڪين وليمسن جي قيادت ۾ ڪيوي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ رڳو 90 رنسون ٺاهي سگهي جنهن ۾ 6 بيٽسمين کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيا. قومي ٽيم کي نيوزيلينڊ تي 328 رنسن جي سرسري حاصل ڪري ورتي، فالو آن جو شڪار ٿيندڙ نيوزيلينڊ پنهنجي ٻي اننگ شروع ڪئي ۽ ڏينهن جي پڄاڻي تي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 131 رنسون ٺاهيون. ڏينهن جي پڄاڻي تي ٽيلر 49 ۽ لاٿم 44 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. ٻي اننگ ۾ به ٻئي وڪيٽون ياسر شاهه ورتيون ۽ هڪ ڏينهن ۾ گڏيل طور پاڪستاني ليگ اسپنر ياسر شاهه 10 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ياسر شاهه پنهنجي ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪرائيندي 41 رنسن عيوض 8 رانديگرن کي پويلين موڪليو. واضح رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 418 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي. ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي 0-1 جي برتري حاصل آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟