مون دنيا جي خوبصورت ترين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي: رنوير

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي رومانٽڪ جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه هلندڙ مهيني 14 ۽ 15 نومبر تي يورپي ملڪ اٽلي جي مشهور سياحتي هنڌ ليڪ ڪومو ۾شادي ڪئي هئي. ليڪ ڪومو ۾ ڪونڪني ۽ سنڌي ريتن سان شادي ڪرڻ کانپوءِ دپيڪا ۽ رنوير 18 نومبر تي ڀارت پهتا هئا، جنهن کان پوءِ انهن بالي ووڊ شخصيتن، صحافين، سياستدانن ۽ ويجهن دوستن لاءِ ڌار ڌار پارٽيون رکڻ جو سلسلو شروع ڪيو. شادي کانپوءِ هو هيل تائين 2 پارٽيون ڏئي چڪا آهن ۽ ٻن پارٽين جي تياري ۾ آهن. ميڊيا رپورٽن موجب 24 ۽  25 نومبر  وچ واري رات نئين جوڙي رنوير سنگھه جي ڀيڻ رتيڪا ڀواني پاران ڏنل پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي خاندانن جي ويجهن ماڻهن به شرڪت ڪئي. تقريب جون ويڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، ويڊيو ۾ رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون کي مشهور بالي ووڊ گيتن تي رقص ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. پارٽي ۾ رنوير سنگهه زال دپيڪا پڊڪون بابت پنهنجا جذبا پهريون ڀيرو کليل نموني اظهار ڪيا ۽ چيو ته مان دنيا جي خوبصورت ترين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. تقريب جي سامهون آيل هڪ ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته رنوير سنگھه پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني ماڻهن جو ڌيان ڇڪاڻ لاءِ چوي ٿو ته مان دنيا جي خوبصورت ترين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.2

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں