ڀارتي اداڪارا نيها سڪسينا جو اماراتي شهري تي آن لائين جنسي هراساني جو الزام

0Shares

ابوظهبي (شوبز نيوز) گڏيل عرب رياستن جي رهواسي ڀارتي ادڪارا کي هراسان ڪرڻ وارن الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس واٽس هيڪ ٿي ويو هو. تفصيل موجب ڀارت جي تامل فلمن ۾ ڪم ڪندڙ مشهور اداڪارا نيها سڪسينا گڏيل عرب رياستن جي گادي واري شهر ابوظهبي جي رهواسي تي آن لائين جنسي هراساني جو الزام مڙهيو ۽ دعويٰ ڪئي ته ڄاڻايل شخص کيس واٽس ايپ تي اڻ وڻندڙ پيغام موڪليندو هيو، ڀارتي ادڪارا نيها سڪسينا جو چوڻ آهي ته هو ڪانند ۽ مالايالم جهڙين مشهور تامل فلمن سميت ڪيئي فلمن ۾ ادڪاري جا جوهري ڏيکاري چڪي آهيان. نيها سڪسينا جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شخص طرفان معاملي تي معافي جي درخواست کانپوءِ جنسي هراساني جي شڪايت گڏيل عرب رياستن تائين پهچائي ڇڏي آهي. رپورٽن موجب ابوظهبي جي ايلسن نالي شهري جنسي هراساني الزامن جي ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب هلندڙ سال 20 نومبر تي پيش آيل آن لائين جنسي هراساني واري معاملي کانپوءِ اداڪارا نيها سڪسنا اماراتي شهري ايلسن کي شرمندو ڪرڻ لاءِ سندس واٽس ايپ پيغامن جو اسڪرين شاٽ وٺي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيا هئا. ميڊيا جي رپورٽن موجب سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل اسڪرن شاٽ مان واضح رهي رهيو آهي ته پيغام موڪليندڙ شخص اداڪارا جي مئنيجر سان ڪيئن بدفعلي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. نيها سڪسينا موجب ايلسن جي والد جو اهو چوڻ هو ته سندس پٽ جو واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو هو بنهه غلط آهي منهنجي پاران پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائڻ کانپوءِ ايلسن جو موبائيل فون بند آهي. ڀارتي اداڪارا گهر ڪئي آهي ته اماراتي شهري آن لائين جنسي هرساني جهڙي خراب عمل جي لکت ۾ معافي وٺي.  نيها سنڪسينا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي لکيو ته مان اماراتي شهري انسٽاگرام ۽ فيسبڪ جا تفصيل ڏٺا ته خبر پئي ته ايلسن هڪ خشگوار شادي شدا زندگي گذري رهيو آهي ۽ سندس هڪ خوبصورت پٽ به آهي تنهن باوجود هو ٻين ڇوڪرين کي جنسي طور تي هراسان ڪري رهيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں