سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ پاڻي ورڇ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ تي اتفاق، 91ع ٺاهه تي عمل ڪرايو وڃي: وڏو وزير

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو ڪي-فور رٿا جي وڌندڙ لاڳت جو پنهنجو حصو ڏئي ته جيئن وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا سان سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ۾ ڪئي. ان موقعي تي مڪاني کاتن وارو وزير سعيد غني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته ڪي.فور فيز 1 وارو منصوبو 26 ايم جي ڊي جو آهي جيڪو شهر لاءِ نهايت اهميت جي حامل آهي. جڏهن  پهرين مرحلي واري انفرااسٽرڪچر مڪمل ٿيندو ته انهيءَ سان هن جي ٻين مرحلن واري ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو پنهنجو لاڳت ڪيل 50 حصو لازمي ڏئي. مراد علي شاهه چيو ته منصوبي جي لاڳت تقريباً 75 بلين رپين جي ويجهو آهي پر آخري لاڳت ماهر ٻڌائيندا. هن وفاقي حڪومت کي اها آڇ ڪئي ته هو جڏهن چاهي انهيءَ منصوبي جو آڊٽ ڪرائي سگهي ٿي۔ وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته هو وزيراعظم سان ڳالهائيندو ۽ گهڻي اميد آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته اسين پنهنجي وزيراعظم سان اجلاسن ۾ انهيءَ مسئلي تي غير رسمي ڳالهايو هو پر باضابطه طور تي گهڻو جلد انهيءَ حوالي سان ڳالهائينداسين. وڏي وزير چيو ته هن کي ڪي-فور رٿا لاءِ واڌو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ آبي وسيلن واري وفاقي وزير (فيصل واوڊا) جي تعاون جي ضرورت پوندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ سڄي پاڪستان جا ماڻهو رهن ٿا تنهن ڪري صوبائي حڪومتن کي پنهنجي پاڻي جي ننڍي حصي کي هن شهر لاءِ حصو ڏيڻ گهرجي ان تي وفاقي وزير  وزيراعليٰ سنڌ کي يقين ڏياريو ته انهيءَ مقصد لاءِ صوبائي حڪومتن سان ڳالهائيندو. مراد علي شاهه چيو ته هڪ ٻيو مسئلو پاڻي جي معاهدي تي عملدرآمد جو آهي اهو معاملو سي سي آئي واري اجلاس ۾ پڻ کنيو ويو هو تنهن ڪري وزارت آبي وسائل ۽ ارسا انهيءَ معاملي کي حل ڪن. سي سي آئي اهو معاملو ڪميٽي جي حوالي ڪيو آهي ۽ ڪميٽي انهيءَ جي حل لاءِ ڪم ڪندي. ٻئي طرف وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جون آئين ۾ ذميواريون واضع ٿيل آهن، صوبائي حڪومتن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سي سي آئي جو فورم موجود آهي جتي سمورن صوبن کي نمائندگي مليل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن سکر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪمپليڪس ڀرسان رٿيل يوم تاسيس جي حوالي سان جلسي گاهه جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ڊيمن وارو معاملو اٿارڻ لاءِ آئيني فورم سي سي آئي جيڪڏهن اهڙو معاملو سي سي آئي ۾ آيو ته پوءِ ڏسنداسون باقي پاڻي ورڇ جي حوالي سان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ٺهيل ڪاميٽي فعال ڪئي وڃي جنهن جي هڪ گڏجاڻي ٿي چُڪي آهي جنهن ۾ مون پاڻ شرڪت ڪئي ان حوالي سان مثبت پيشرفت جي اميد آهي. هُن چيو ته وفاقي حڪومت جو 100 ڏينهن وارو پلان ناڪام ويو آهي جنهن جو نتيجو زيرو آهي، وفاقي حڪومت اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ويندي نظر اچي پئي. هن چيو ته سنڌ صوبي10 سيڪڙو رڪوري ۾ اضافي سان ٻين صوبن کان وڌيڪ روينيو ڏنو آهي انڪري وفاق کي چئون ٿا ته رڪوري جا اختيار اسان کي ڏنا وڃن ته جيئن اسين وڌ کان وڌ رڪوري ڪريون ڇو ته وفاق رڪوري نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پارٽي قيادت جي فيصلي تحت سکر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جي 51هين يوم تاسيس جي حوالي سان 30 نومبر تي جلسو منقعد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سکر، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ڊويزن جو عوام وڌ کان وڌ شرڪت ڪندو ان کان علاوه پيپلز پارٽي پاران اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به وڏا جلسا  ڪيا ويا آهن. ميڊيا سان گفتگو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان واضع طور چيو آهي ته سنڌ جون اسپتالون ٻين صوبن جي اسپتالن کان بهتر آهن. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي هُن چيو ته ڪمند جي آبادگارن سان جيڪي مسئلا پيش اچي رهيا آهن انهن جو احساس آهي ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪنداسون ته آئين ۾ موجود طريقيڪار تحت ڪمند جو اگهه جلد از جلد مقرر ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، پ پ صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه ۽ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا وڏي وزير سان گڏ هئا

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں