لنڊن (م ڊ) چيف جسٽس ثاقب نثار تجويز پيش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته موبائيل فون پري پيڊ ڪارڊز تي ٻيهر ٽيڪس هڻي ڊيم لاءِ پئسا جمع ڪيا وڃن، ان حوالي سان هن قوم کان راءِ به طلب ڪئي آهي. لنڊن ۾ يو ڪي پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي انتظام هيٺ فنڊ گڏ ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته عوام تي ڊيم ٺاهڻ لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ مناسب نه هوندو پر اسان پري پيڊ موبائيل ڪارڊ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرايو هو، جڏهن ته حساب ڪيو ته خبر پئي ته ان تي هر مهيني 3 ارب رپين جي بچت ٿيندي، جيڪڏهن قوم اجازت ڏي ته پري پيڊ ڪارڊ تي ٻيهر ٽيڪس لڳائي ڊيم لاءِ پئسا گڏ ڪنداسين، قوم منهنجي اهڙي تجويز تي راءِ کان ضرور آگاهه ڪري. ماضي ۾ ڊيم جي اڏاوت نه ٿيڻ کي مجرماڻي غفلت قرار ڏيندي چيف جسٽس چيو ته سنڌو درياءَ جي انچ انچ تي ڊيم ٺهڻ گهرجي. هن اميد ڏيکاري ته هڪ ڏينهن چارئي صوبا ڪالاباغ ڊيم تي به متفق ٿي ويندا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڪراچيءَ ۾ پاڻي جو بحران ڏسي مسئلي جي سنگيني جو احساس ٿيو آهي، ٽئنڪر مافيا ۽ پاني تي بند ٺاهيندڙ بااثر ماڻهن جو ڪراچي جي پاڻي تي قبضو آهي ۽ بااثر ماڻهن ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڍنڍ جي رستي ۾ بند ٻڌي ڇڏيو آهي جڏهن ته لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ به جر جو پاڻي هيٺ کان هيٺ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته مان نئين نسل جو مستقبل محفوظ ڏسڻ چاهيان ٿو، ڊيم جي اڏاوت نه رڳو پاڪستان پر انسانيت جي تحريڪ بڻجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊيم فنڊ ۾ ايندڙ هڪ هڪ پائي جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ قوم جي امانت محفوظ هٿن ۾ ڏئي وينداسين ۽ ان حوالي سان هڪ ڪمپني ضرور ٺاهينداسين. چيف جسٽس چيو ته هي فنڊ قوم جي امانت آهي جنهن کي مان ڪنهن ايماندار شخص حوالي ڪري ويندس جيڪو ان جي حفاظت ڪري.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟