سرحدن تي امن چاهيون ٿا، اسان مڙهيل جنگ وڏي قيمت تي وڙهي: وزيراعظم

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه جي ميرانشاهه آمد، سيڪيورٽي صورتحال، آپريشن ۽ ترقياتي منصوبن تي بريفنگ. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان گڏجي اتر وزيرستان جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا، جنهن کانپوءِ وزيراعظم کي ملٽري آپريشن ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان جاري آپريشنز جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪنهن ٻئي ملڪ يا ان جي فوج اهو ڪم ناهي ڪيو، جيڪو پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪيو، اسان پنهنجي ملڪ ۾ مڙهيل جنگ وڏي قيمت تي وڙهي، ان جنگ ۾ اسان رت ۽ پگهر جي قرباني ڏني. هن چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان جا اقتصادي ۽ معاشي شعبا متاثر ٿيا، اسان اهڙي قسم جي جنگ پاڪستان ۾ نه وڙهنداسين، اسان افغانستان سميت سرحدن تي امن چاهيون ٿا، ٻين ادارن سان گڏجي افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ مستقل امن لاءِ افغانستان ۾ امن ٿيڻ اهم آهي. وزيراعظم اعلان ڪيو ته نون ضلعن کي اختيار منتقل ڪيا ويندا، خاصادارن ۽ ليويز اهلڪارن کي نوڪرين مان نه ڪڍيو ويندو، جڏهن ته انصاف جي جلد فراهمي لاءِ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. سندس چوڻ هو ته فاٽا جي نون ٺهيل ضلعن کي اين ايف سي مان 3 سيڪڙو ڏنو ويندو، جڏهن ته فاٽا ۾ صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ مختلف منصوبا شروع ڪيا ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں