سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڻي کوٽ تي اپوزيشن جي تنقيد، ڪراچي واٽر بورڊ فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي سنڌ سرڪار ۽ وفاق تي تنقيد، ڪراچي واٽر بورڊ جو ڪنٽرول فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو، ميمبرن پاڻي جي مسئلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي  چيو آهي ته وفاق پاڻي معاهدي تي نظرثاني ڪري، موجود ڊيم نه ٿا ڀرجن ته نون ڊيمن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، سنڌ سرڪار چيو آهي ته پاڻي جي مسئلي تي آواز اٿاريندڙن کي گهرجي ته وفاق کان ڪراچي لاءِ 12 سو ڪيوسڪ پاڻي اضافي ڏيارين،  ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ پاڻي جي کوٽ بابت تحريڪ التوا تي پاليسي بيان ڏيندي  مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو  ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص سميت پوري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ  آهي، ۽ ان جو حل وفاق وٽ آهي، وڏي وزير ڪيترائي خط لکيا آهن پر وفاق اڃا تائين مسئلو حل نه ڪيو آهي، ڪراچي ۾ پاڻي نه هجڻ تي آواز اٿاريندڙ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۽ وفاق کان 12 سو ڪيوسڪ پاڻي اضافي ڏيارين. صوبائي وزير سعيد غني ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم وارا گورننس تي نه ڳالهائين سندن ئي دور ۾ خرابيون پيدا ڪيون ويون، اچو ته گڏجي حل ڪيون، هلندڙ سال ڊسمبر تائين اور آو پلانٽ شروع ٿي ويندا ان بعد پاڻي جو گهڻو مسئلو حل ٿي ويندو، هن ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي جو اعتراف ڪندي چيو ته حب ڊيم مان پاڻي نه اچڻ ڪري وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا آهن، ڪي فور منصوبو 25 کان 80 ارب تائين پهتو آهي ان ۾ ڪرپشن جو سوال ڪيو وڃي ٿو، ٻڌائيندو هلان ته اهو منصوبو ايف ڊبليو او وٽ آهي، ان کان سوال ڪيو وڃي، باقي منصوبي جي پي سي ون ۾ غلطي هئي ته ان جي ذميواري سنڌ سرڪار سان گڏ وفاقي سرڪار تي به آهي، ڪي فور منصوبي جي لائنن جو فيصلو گورنر هائوس عشرت العباد جي وقت ۾ ٿيو هو، ان وقت بحريا ٽائون نه هو ۽ نه ئي ان طرف لائنون وڃن ٿيون، ڪي فور جو فيز ون ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو.هن چيو ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ نه هجڻ برابر آهي، اتي بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب سپلاءِ جا مسئلا آهن اهي به جلد حل ڪنداسين،هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ هجي يا ڪو ايم پي اي ان کي اختيار ناهي ته هو حڪومتي آفيسن ۾ هليا وڃن ۽ آفيسرن کان بريفنگ وٺن، يا وري ايم ڊيز کي خط لکي جواب گهرن، هاڻي ائين نه ٿيندو مون آفيسرن کي منع ڪري ڇڏيو آهي، ميمبر اسيمبلي ۾ مون کان سوال ڪن يا عام شهرين وانگر معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏين.التوا جي تحريڪ پيش ڪندڙ ايم پي ايز ڪنور نويد جميل، نديم احمد قريشي ۽ جاويد حنيف خان ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو سنگين مسئلا آهن، جيڪڏهن پاڻي جي مسئلي تي بدامني ٿي ته پورو صوبو متاثر ٿيندو، ڪنور نويد جميل چيو ته سنڌ سرڪار خاطري ڪرائي ته ڪي فور منصوبو 2019 ۾ مڪمل ٿيندو پر ائين نه آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا کي سپورٽ حاصل آهي، جيڪڏهن عوام روڊن تي آيو ته پوءِ بدامني ٿيندي ان جا پوري سنڌ تي اثر پوندا،  پ پ جي ميمبرن ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جو مسئلو پوري سنڌ ۾ آهي، پاڻي معاهدي تي نظرثاني ڪئي وڃي، طارق علي  چيو ته آبپاشي کاتي ۾ بدانتظامي آهي، ميرپورخاص ۾ جر جو پاڻي 80 سيڪڙو ختم ٿي ويو آهي، لفٽ مشينن تي پابندي هڻي ٽيل تائين پاڻي پهچايو وڃي، امداد پتافي چيو ته پاڻي جو مسئلو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڳڻتي جوڳو آهي، ڳوٺن ۾ پيئڻ توڙي چوپائي مال لاءِ پاڻي ناهي، ايگريڪلچر ۾ نالو رکندڙ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ فصل تباهي ڪناري  آهي، پاڻي نه ملڻ ڪري ڪمند  15 سو مڻ في ايڪڙ بدران 4سو مڻ في ايڪڙ به نه لهندو، هن چيو ته پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرايو وڃي، درياهه ۾  پاڻي نه هوندو ته ڪي فور لاءِ پاڻي وري ڪٿان ايندو، هن چيو ته جيڪي ڊيم آهن اهي ڀرجي نه سگهيا آهن مٿان وري نون ڊيمن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي،  هير سوهو ڪراچي مان چونڊيل وفاقي حڪومت ۾ آهن اهي ڪراچي کي پاڻي ڏيارين، باقي پاڻي تي سياست نه ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت کي پاڻي جي ورهاست درست ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ گورنر جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وڃي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته ڪراچي واٽر بورڊ کي فوج، رينجرز يا وفاق حوالي ڪيو وڃي، ڪراچي جو عوام حڪومتي آسرن مان تنگ ٿي ويو آهي، خرم شير زمان چيوته ڪراچي واٽر بورڊ کي وفاق، فوج يا رينجرز حوالي ڪيو وڃي، مڪاني ادارن وارو وزير پاڻي ڏئي يا وزارت ڇڏي، هن چيو ته مڪاني ادارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آهي، وزارت اسان حوالي ڪئي وڃي ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪري ڏيکارينداسين.مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته 2008 کان پاڻي جو مسئلو حل نه ڪرڻ تي سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي، ڪراچي ۾ عوام کي پاڻي نه ملڻ جو مطلب سرڪار ستل آهي.ايم ايم اي جي عبدالرشيد چيو ته ادارا فوج حوالي ڪرڻ جي ڳالهه جمهوري اداري ۾ ويهي نه ڪرڻ گهرجي، فوج پنهنجو ڪم ڪري ۽ جمهوري ادارا پنهنجو ڪم ڪن، وفاق پهرين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪري پوءِ صوبن تي ذميواري ايندي.گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنيس جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيوته پاڻي جو مسئلو پوري سنڌ ۾ آهي، جوهي جا آبادگار به احتجاج پيا ڪن، ڪراچي ۾ ڪروڙن جو پاڻي وڪرو پيو ٿئي، هن چيوته ڪمند جو فصل سڪي ويو آهي، في ايڪڙ 400 مڻ به نه لهندو،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں