نواز شريف طرفان فليگ شپ لاءِ رقم ڏيڻ جي ڪا به شاهدي ناهي ملي: جاچ آفيسر

0Shares

اسلام آباد(بيورو) احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر محمد ڪامران چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان فليگ شپ لاءِ رقم ڏيڻ جي ڪابه شاهدي نه ملي آهي. رپورٽن مطابق اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ته جوابدار نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ سندس وڪيل خواجا حارث جاچ آفيسر محمد ڪامران کان آڏي پڇا جاري رکي.  محمد ڪامران جاچ دوران چيو ته اهڙو ڪو به دستاويز نه مليو آهي ته نواز شريف پنهنجي اڪائونٽ مان فليگ شپ، ڪوئينٽ پنڊ گٽن يا ڪنهن ٻئي ڪمپني لاءِ رقم ڏني هجي، حسن نواز جو به اهڙو ڪو بيان ناهي ڏٺو ته والد طرفان مون کي ڪا اهڙي رقم ڏني وئي. جاچ آفيسر چيو ته اهڙو ڪو دستاويز نه مليو آهي جنهن سان ثابت ٿي ته نواز شريف پاڪستان يا پرڏيهه ڪنهن اڪائونٽ مان حسن ۽ حسين جا تعليمي خرچ پورا ڪيا، ڪنهن شاهد به اهڙو بيان نه ڏنو آهي، جاچ دوران ڪنهن نه چيو ته حسن ۽ حسين نواز 2000ع ۽ ان کانپوءِ نواز شريف جي سار سنڀال هيٺ رهيا، ڪنهن شاهد به نه چيو ته ڪمپني ٺاهڻ وقت حسن نواز بي ناميدار هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں