امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مشرف دبئي ۾ ويٺو آهي: رضا رباني

0Shares

پشاور(م ڊ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مشرف دبئي ۾ ويٺو آهي، هاڻ ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو اسان جي ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته آئين تي عمل ٿئي پيو يا نه ؟ يونيورسٽي آف پشاور جي انتظام هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ادارن کي آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن صوبن کي محرومين مان نه ڪڍيو ويو ته خطرا وڌي ويندا.  هن چيو ته، آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مشرف دبئي ۾ ويٺو آهي، عوام کي بنيادي حق ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي پر هاڻ اها ذميواري ماڻهو پاڻ پوري ڪري رهيا آهن. پ پ سينيٽر چيو ته، عوام بجلي، پاڻي ۽ تحفظ سميت ٻيون ضرورتون پنهنجي مدد پاڻ تحت پوريون ڪري رهيا آهن، ادارن کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، پرڏيهه مان اچي ڪو ٻيو ماڻهو نه ڪندو. رضا رباني چيو ته، بااثر سياستدان هاڻ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي آئيني طريقي سان نه پيا هلائين، ڪائونسل جو وسيلن جي ورڇ لاءِ اهم ڪردار آهي. رضا رباني چيو ته، ملڪ جي آئين ۾ واضح آهي ته پارليامينٽ ۾ سڀ کان وڏو ايوان آهي، آئين ئي ادارن تي پهرو ڏيڻ جو اختيار ڏيندو آهي. هن چيو ته آزادي کان وٺي هن وقت تائين سياسي ايليٽ آئين جي غلط تشريح ڪئي، برطانيا ۾ آئين لکت ۾ موجود نه آهي، تنهن باوجود پارلياماني انداز ۾ ملڪ کي هلايو ويندو آهي. رضا رباني چيو ته تمام گهڻو عجيب لڳي رهيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ 73 واري آئين ۽ ادارن جي ڳالهه ٿي رهي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں