ماسڪو/نيويارڪ(م ڊ) روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. روس ڪرائمين ٻيٽ تي يوڪرين جي ٻن سامونڊي ٻيڙن سوڌو ٽن جهازن تي حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن. يوڪرين پارليامينٽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ تي ووٽنگ ڪندي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهي، روس يوڪرين تي ملڪ جي حدن ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيڻ جو الزام هنيو آهي. ٻئي پاسي روس پاران يوڪرين جي ٻن ويڙهاڪ سامونڊي ٻيڙن سوڌو ٽن جهازن تي قبضي کانپوءِ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. ان واقعي دوران يوڪرين ٻيڙن ۾ موجود عملو به زخمي ٿيو آهي. ٻنهي ملڪن هڪٻئي تي هن واقعي جي ذميواري لاڳو ڪئي آهي. ٻئي طرف روس ڪاري سمنڊ ۾ يوڪرائني بحريا جي ٽن جهازن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ان قدم سان پيدا ٿيل ڳڻتي جوڳي صورتحال تي غور لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ روس پنهنجي سرحد ويجهو فوجي چر پر تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته روس يوڪرائين تي سرحدي خلاف ورزي جو الزام به هنيو. روس ڪاري سمنڊ ۽ آزوف سمنڊ جي سنگم تي ڪرچ سمنڊ تي قائم پل هيٺيان پنهنجو بحري ٽينڪر بيهاري رستو بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. يوڪرائين جي صدر پيٽرو پورو شينڪو ملڪ جي قومي سلامتي ۽ دفاعي ڪائونسل کي خطاب ڪندي روس جي قدمن کي بنا جواز قرار ڏنو. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ مطابق آچر تي صبح جو يوڪرائن جا 2 جنگي جهاز ۽ هڪ ٻيڙي ڪاري سمنڊ تي واقع بندرگاهه تان آزوو بندرگاهه ماريو پول جي سفر تي نڪتا. يوڪرائيني اختيارين مطابق روسين انهن ٻيڙين جو رستو روڪيو. انهن جي تلاشي ورتي ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. ان دوران روس پنهنجن ٻن جنگي جهازن ۽ ٻن هيلي ڪاپٽرن کي ان علائقي ۾ موڪلي ڇڏيو. روسين يوڪرائن تي الزام هنيو آهي ته انهن جي ٻيڙين غير قانوني طور تي روسي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب انهن سيڪيورٽي سببن جي ڪري رستو بند ڪري ڇڏيو آهي. يوڪرائن جي بحريه بعد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته انهن جي ٻيڙين کي نقصان پهچايو ويو آهي ۽ عملي جا 6 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته روسي اختيارين يوڪرائيني جهازن جي عملي جا فقط 3 ماڻهو زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. يوڪرائيني فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن روسين کي ٻيڙين جي اچ وڃ بابت آگاهه ڪيو هو. يورپي يونين روس تي زور ڀريو آهي ته اهو ڪرچ سمنڊ جي رستي کي بحال ڪري ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري. نيٽو طرفان چيو ويو آهي ته اهو يوڪرائين جي آوزف سمنڊ تي قائم بندرگاهه تائين سفر ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪري. يوڪرائين جي اختيارين گڏيل قومن جي قومي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته عالمي برادري روس خلاف فوري قدم کڻي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟