چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ بنگلاديش ويسٽ انڊيز کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

5Shares

چٽاگانگ(اسپورٽس نيوز) چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ بنگلاديش ويسٽ انڊيز کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب بنگلاديش ٽيم پنهنجي نامڪمل اننگ جي شروعات 5 وڪيٽن جي نقصان تي 55 رنسن سان ڪئي ۽ 125 رنسن تي ڍي ٿي وئي. پهرين اننگ ۾ 78 رنسن جي برتري سبب ويسٽ انڊيز کي 204 رنسن جو هدف مليو. ويسٽ انڊيز جي ٽيم 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي.  بنگلاديش طرفان ٻي اننگ ۾ محمود الله 31، مشفيق رحيم 19، حسن مراز 18 ۽ محمد مٿن 17 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز طرفان بشو 4، چيس 3، واريڪن 2 ۽ گيبرل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم 204 رنسن جي آسان هدف جو پيڇو ڪندي 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ويسٽ انڊيز جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. ايمبرس 43، واريڪن 41 ۽ هيٽمائير 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. بنگلاديش طرفان تيجل الاسلام 6، شڪيب الحسن ۽ حسن مراز 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. اهڙي طرح بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. مومن الحق کي پهرين اننگ ۾ 120 رنسن جي بهترين اننگ کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته بنگلاديش پهرين اننگ ۾ 324 ۽ ويسٽ انڊيز 246 رنسون ٺاهيون هيون جنهن سبب بنگلاديش کي پهرين اننگ ۾ 78 رنسن جي برتري حاصل هئي.  بنگلاديش ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں