سال 2018 بدترين ۽ بهترين تجربن سان ڀرپو رهيو: جهانوي ڪپور

0Shares

بالي ووڊ ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا جهانوي ڪپور چيو آهي ته سندس لاءِ سال 2018 بدترين ۽ بهترين تجربن سان ڀرپور رهيو. پنهنجي والد بوني ڪپور سان گڏ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول آف انڊيا هڪ سيشن شرڪت جي موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ذاتي طور مشڪلاتن مان گذرڻ کانپوءِ هاڻ وڌيڪ مضبوط بڻجي چڪي آهي. جهانوي جڏهن مان وڌڻ جي ڳالهه ڪريان ته مونکي ڪجهه سمجهه ۾ ناهي ايندو ته ڇا ڳالهايان، جيڪڏهن ڳالهه ڪريان ته هي سال منهنجي زندگي ۾ ٿيل بدترين ۽ بهترين تجربن جو مجموعو رهيو ته ان ۾ ڪو به واڌاءُ نه هوندو. پر هاڻ منهنجو سمورو خاندان هڪ آهي ۽ اها مون لاءِ وڏي ڳالهه آهي. جهانوي وڌيڪ چيو ته پر جيڪو ڪجهه به هن سال ٿيو اهو مون لاءِ وڏو نقصان آهي، اسان سڀ اڃان تائين حيران آهيون، پر ٿورائتي آهيان جو سڀني مونکي ايترو پيار ڏنو ۽ مونکي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پنهنجن والدين کي مون تي فخر ڪرڻ جو موقعو ڏنو، اهو ئي مون لاءِ سڀ کان اهم آهي. رڳو هڪ فلم ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا جو خيال آهي ته اڄ جا اداڪار ڪمرشل سئنما ۾ ڦاسي چڪا آهن، جڏهن ته اڳ ڪهاڻي کي آزديءَ سان بيان ڪرڻ سولو هوندو هو. اداڪارا ٻڌايو ته مڌولال سندس پسنديدا اداڪارا آهي ۽ جهڙو ڪم هن مغل اعظم ۾ ڪيو اهڙو ڪم ڪير به نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته جهانوي گرودت ۽ دليپ ڪمار کي پنهنجو پسنديدا اداڪار قرار ڏنو. واضح رهي ته جهانوي ڪپور جي امڙ ناليواري اداڪارا سري ديوي هلندڙ سال جي شروعات ۾ دبئي لاڏاڻو ڪيو، ان وقت هو پنهنجي پهرين فلم” ڌڙڪ“ جي عڪسبندي ۾ مصروف هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں