دبئي ۾ 3 ارب رپين جي ملڪيت ڪيئن ٺاهي وئي؟ لانچن ذريعي پيسا ٻاهر موڪليندڙن کي به حساب ڏيڻو پوندو: چيف جسٽس

0Shares

مانچسٽر/برمنگهم(م ڊ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڦريل اربين رپيه واپس ورتا وٺندا ته ڊيم لاءِ چندي جي ضرورت نه پوندي.مانچسٽر ۾ لائيو  ٽيلي ٿون کي خطاب ڪندي چيف جستس ثاقب نثار چيو ته  مون کي ڪجهه وڏن مان اميد هئي پر ڊيم فنڊ ۾ حصو نه وڌو ويو،اربين رپيه ڦري پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهيندڙن کان حساب وٺنداسين جنهن بعد ڊيم فنڊ لاءِ وڌيڪ چندي جي ضرورت نه پوندي. هن چيو ته افسوس آهي ته جن ماڻهن اربين رپين جي ڦرلٽ ڪئي تن رقم نه ڏني، مان حساب وٺندس ته ڪنهن ڪيتري ملڪيت ٺاهي آهي،  3 ارب رپين جي ملڪيت دبئي ۾ ڪئين ٺاهي وئي، لانچ ۾ رقم ٻاهر موڪليندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هيءَ سموري رقم پاڪستاني قوم ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي امانت آهي، اها رقم ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻي پوندي نه ڏني ته ڪارروائي ذريعي حساب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اها سموري رقم پاڪستاني قوم ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي امانت آهي، اها رقم ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻي پوندي، نه ڏني وئي ته ڪارروائي ذريعي حساب وٺڻو پوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اهڙن ماڻهن کان ڦريل اربيه رپيه واپس وٺنداسين ته ڊيم فنڊ لاءِ وڌيڪ چندي جي ضرورت نه پوندي. لائيو ٽيلي ٿون دوران چيف جسٽس چيو ته هن پاڪستانين جي حب الوطني جي جذبي کي ڏسندي ڊيمن جي اڏاوت لاءِ چندي جي اپيل جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته مون کي خوف هو ته چيف جسٽس کي فنڊ ريزنگ تي نه وڃڻ گهرجي پر هاڻي احساس ٿيو آهي ته اهو خوف غلط هو. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان اسان پاڻي جو قدر نه ڪيو، دنيا ۾ پاڪستان پاڻي جي سڀ کان وڌيڪ کوٽ جو شڪار آهي، خدا نه ڪري اسان جي ملڪ ۾ صوماليا جهڙي صورتحال پيدا ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه مفاد پرست جيڪي ڊيم جي مخالفت ڪري رهيا آهن اهي ڊيم ٺاهڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. هن چيو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي امانت آهي جنهن ۾ ڪير به خيانت نه ٿو ڪري سگهي. چئن ڪلاڪن جي ٽيلي ٿون ۾ مجموعي طور تي 20 لک 98 هزار پائونڊ کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا رقم 36 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ٺهي ٿي. ٻئي طرف برمنگهم ۾ ڊيم فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان اسان کي ڪنهن تحفي ۾ ناهي ڏنو، ان لاءِ اسان جي بزرگن قربانيون ڏنيون آهن، قائداعظم سڀ کان وڏي قرباني ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم آهي، اهڙي پاڪستان جي قيام لاءِ نه سوچو ويو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں