پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير کي ڪرتارپور سرحد کولڻ واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي هم منصب سشما سوراج کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي. پنهنجي وزير شاهه محمود قريشي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پاڪستان طرفان ڀارتي پرڏيهي وزير ششما سوراج، پنجاب جي وڏي وزير ارميندر سنگهه ۽ نوجوت سنگهه سڌو کي 28 نومبر تي ڪرتارپور راهداري جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان جو هاڪاري عمل ۽ سچي نيت سڄي دنيا جي سامهون آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪستاني حڪومت جي تجويز تي ڀارتي ڪابينا ڪرتارپور راهداري کولڻ جي منظوري ڏني هئي. ٻئي طرف نوجوت سنگهه سڌو ڪرتارپور سرحد کولڻ واري تقريب ۾ پاڪستان جو دعوت نامو ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم هائوس مان جمعي ڏينهن دعوت نامي جي ڪال آئي هئي، ڀارتي حڪومت مون کي وڃڻ ڏنو ته ضرور ويندس. هن چيو ته ان تاريخي موقعي جو حصو بڻجڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں