ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيني قونصليٽ تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، . پوليس مطابق چيني قونصل خاني تي حملي جو ڪيس ايس ايڇ او بوٽ بيسن جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي، ڌماڪيدار مادو رکڻ، قتل، قتل جي ڪوشش ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا اهن، جڏهن ته ڪيس ۾ مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن کي نامزد ڄاڻايو ويو آهي. ڪيس جي متن مطابق دهشتگردن 2 پوليس اهلڪارن کي قتل ڪيو، گيٽ تي مقرر جمن خان کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، قونصليٽ ايندڙ ماڻهو فائرنگ جو آواز ٻڌي اندر هليا ويا، دهشتگردن دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش لاءِ آءِ اي ڊي ڊوائيس استعمال ڪيو. ڪيس جي متن مطابق دهشتگردن جي فائرنگ سان 2 ڄڻا ٻيا به مارجي ويا، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز ٽنهي دهشتگردن کي فائرنگ ڪري ماري وڌو. متن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته حملي ۾ قونصليٽ ٻاهريان بيٺل 9 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو، مين گيٽ تي مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف هٿ آئي، جڏهن ته ان جي بيگ مان سڃاڻپ ڪارد ۽ سرڪاري سروس ڪارڊ به هٿ آيو. ڪيس جي متن مطابق ڪمري اندر مارجي ويل دهشتگرد کان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ آيون، جڏهن ته قونصليٽ ٻاهر مارجي ويل دهشتگرد کان هڪ ڪلاشنڪوف، گوليون ۽ ميگزين هٿ ڪيو ويو، دهشتگرد جي ٿيلهي مان 3 بم ۽ طبي امداد جو سامان پڻ مليو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ 7 دستي بمن ۽ ڪلاشنڪوف جي گولين جا 40 خول مليا. متن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي سان آهي ۽ ان جو تعلق ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان آهي. ڪيس ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي 13 سهولتڪارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي جن ۾ پهريون نالو حربيار مري جو آهي حربيار مري مرحوم بلوچ اڳواڻ خيربخش مري جو پٽ آهي قونصليٽ حملي جي سهولتڪارن ۾ اسلم اڇو، نوربخش مينگل، ڪريم مري، ڪمانڊر نثار، ڪمانڊر شريف، آغا شيردل، ڪمانڊر گيندي، ڪمانڊر گيندو، ڪئپٽن رحمان گل، ڪمانڊر حمل، حربيار مري، ميرڪ بلوچ، بشير زيب ۽ ڪمانڊر منشي شامل آهن ايف آءِ آر جي متن ۾ درج آهي ته حملي دوران مارجي ويل دهشتگرد روپوش جوابدارن سان رابطي ۾ هئا. ٻئي طرف دهشتگردن جي استعمال هيٺ گاڏي جي فرانزڪ مڪمل ڪئي وئي. جاچ ادارن موجب گاڏي جي رجسٽريشن 6 سال پراڻي آهي. گاڏي تي 3کان وڌيڪ ماڻهن جا فنگر پرنٽس موجود آهن جيڪي حاصل ڪيا ويا آهن. دهشتگردن جي استعمال هيٺ هٿيارن جا به فنگر پرنٽس ورتا ويا جيڪي نادرا کي اماڻيا ويا. سهولتنڪارن گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ دهشتگردنجي مدد ڪئي. ٻئي طرف حساس ادارن ڪراچي ۽ شهدادپور ۾ڪارروائي ڪري حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي 3 سهولتن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شهدادپور ۾ دهشتگردن جي سهولتڪار علاوالدين قريشي جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پر علاوه الدين هٿ نه آيو. سهولتمن جي 2 مائٽ لياقت علي ۽ ڪرامت کي حراست ۾ ورتو ويو. ذريعن موجب حملي دوران استعمال ٿيل سم سهولتڪار علاوالدين قريشي جي آهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي مان به هڪ سهولتڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا. سهولتڪارن گاڏي جي خريداري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جاچ ادارن کي حملي ۾ ڀارت ايجنسي را ۽ افغانستان جي ڳجهي ادارن اين ڊي ايس جي ملوث هجڻ جا ثبوت ملي ويا آهن. ذريعن موجب حملي جي ماسٽر مائينڊ اسلم اڇو جا اين ڊي ايس جا واسطا هئا. ٻئي طرف سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب چيو آهي ته حملي ۾ سي فور بارودي مواد استعمال ڪيو ويو جيڪو ديسي سافٽ جو ناهي. دهشتگردن جو انگ 4 نه پر 3 ئي هو. دهشتگردن جي اچڻ ۽ پناھ وٺڻ بابت معلومات حاصل ڪري ورتي آهي. هن چيو ته حملي پويان دشمن ملڪ جي ايجنسي جو هٿ آهي. اسلم اڇو بي ايل اي جو اهم ڪمانڊر آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟