ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ناڪام، 2 اهلڪار شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا

0Shares

ڪراچي  (رپورٽ:  منصور کوکر) ڪراچي ۾ سڪيورٽي فورسز چيني قونصليٽ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويا، پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ  موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان آپگهاتي جيڪٽس ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ڪراچي جَي علائقي ڪلفٽن ۾ 3 دهشتگردن چيني قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سڪيورٽي گارڊز جي مزاحمت تي مٿن فائرنگ ڪري ڪئي وئي. پوليس موجب، دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ عامر ۽ اشرف طور سڃاڻپ ٿي، جڏهن ته زخمي سڪيورٽي گارڊ کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ۽ رينجرز اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي  ڏي وٺ ٿي. پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ موجب، سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان آپگهاتي جيڪٽس، ڌماڪيدار مادو ۽ ڳرا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍو موجب، دهشتگردن قونصل خاني ڀرسان گاڏي بيهاري حملو ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن حملو ناڪام بڻائيندي شهادت جو جام نوش ڪيو. رينجرز اختيارين موجب، چيني قونصل خاني ۾ ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيني عملي کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. سمورن ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪري قونصليٽ طرف ايندڙ ٽريفڪ کي روڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڏکڻ پير محمد شاهه ۽ سهائي عزيز ٽالپر جي اڳواڻي ۾ پوليس جي هڪ ايڊوانسڊ پارٽي جڏهن ته رينجرز جي وڏي نفري قونصليٽ ۾ داخل ٿي ۽ ڪليئرنس ڪارروائي کانپوءِ صورتحال تي مڪمل ضابطو آندو ويو آهي. ڪراچي پوليس چيف مطابق بم ڊسپوزل اسڪواڊ پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان هڪ شڪي گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي هيليڪاپٽر جي مدد سان علائقي جي هوائي نگراني به ڪئي وئي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي دهشتگردن جي قبضي مان ملندڙ بارودي مواد کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو  آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏجي دهشتگردن جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق رينجرز ۽ پوليس گڏجي دهشتگردن جي چيني قونصليٽ ۾ وڃڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ٽئي حملي آور مارجي ويا آهن، قونصل خاني جو چيني عملو مڪمل طور تي محفوظ آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي.  ٻئي طرف مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ  ڪئي وئي. مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ رزاق نالي سان ڪئي وئي جيڪو خاران جو رهواسي ۽ بلوچستان حڪومت  جو ملازم هو. ٻئي دهشتگرد  جي سڃاڻپ ازل خان مري عرف سنگت داد ۽ ٽئين دهشتگردي جي سڃاڻپ  رئيس بلوچ جي نالي  سان ڪئي وئي.  شهيد ٿيل اهلڪارن  ۽ اي ايس آءِ  اشرف دائود   ۽ ڪانسٽيبل عامر خان شامل آهن.  ڪراچي پوليس  چيف ڊاڪٽر امير شيخ موجب  دهشتگرد گاڏين ۾ سوار  ٿي  آيا ۽ گاڏي  پري بيهاري قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪمپائونڊ ۾ داخل نه ٿي سگهيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں